اسلام آباد(بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري لنڊن مان پاڪستان پهچي ويو، ايوانِ صدر جي عملدارن ٻڌايو ته صدر آصف علي زرداري برطانيا جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ پاڪستان واپس پهتا آهن.ان کان اڳ، لنڊن مان واپسيءَ تي جڏهن سندن صحت بابت پڇيو ويو ته صدر زرداري چيو ته خدا جي فضل سان لنڊن ۾ سندن وقت سٺو گذريو.صدر زرداري جي واپسيءَ جو شيڊول ڪالهه جو هو، پر برطانيا ۾ ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول سسٽم ۾ خرابيءَ سبب سندن واپسيءَ ۾ دير ٿي وئي.










