پاڪستان، مصر، سعودي عرب ۽ ترڪيه پاران مشاورت جاري رکڻ تي اتفاق

پاڪستان، مصر، سعودي عرب ۽ ترڪيه پاران مشاورت جاري رکڻ تي اتفاق

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان، مصر، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي وچ ۾ علاقائي معاملن تي ويجهي مشاورت جاري رکڻ تي اتفاق ٿيو آهي.پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار مصري پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بدر عبدالعاطي سان ٽيليفون تي ڳالهيون ڪيون. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪ مصر ٻطرفي لاڳاپن جو جائزو ورتو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهن ڀائراڻن لاڳاپن جي ارادن جو اظهار ڪيو.پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب اسحاق ڊار ۽ مصري پرڏيهي وزير علاقائي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي علاقائي معاملن ۽ پاڪستان، مصر جي وچ ۾ ويجهي مشاورت جاري رکڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو.ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان، مصر، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي وچ ۾ علاقائي معاملن تي ويجهي مشاورت جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. انهي مقصد جي لاءِ ريجنل فور جي پرڏيهي وزيرن جي ذريعي به علاقائي معاملن تي مشاورت جو سلسلو جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو.پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب اسحاق ڊار ۽ ڊاڪٽر بدر عبدالعاطي ايندڙ گڏيل قومن، جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ملاقات تي به اتفاق ڪيو ويو آهي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن نيويارڪ ۾ آئنده يو اين جي اي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو