فورسز جون بلوچستان ۾ ڪامياب ڪارروايون، 11 دهشتگرد مارجي ويا

فورسز جون بلوچستان ۾ ڪامياب ڪارروايون، 11 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز جون بلوچستان ۾ ڪامياب ڪارروايون ڀارتي حمايت يافته 11 دهشتگرد مارجي ويا.آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب خاران ۽ واشڪ ۾ 6 ۽ 7 سيپٽمبر تي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيا ويا، خاران ۾ دهشتگردن طرفان روڊ بلاڪ ڪري ٽريفڪ معطل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بنائي وئي.آئي ايس پي آر چيو ته ڪارروائي جي دوران 8 ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگرد مارجي ويا. واشڪ ۾ آپريشن جي دوران دهشتگردن جو ٺڪاڻو تباهه ڪيو ويو جنهن دوران3 دهشتگرد مارجي ويا.آئي ايس پي آر موجب واشڪ آپريشن ۾ 2.9 ٽن ڌماڪيدار مواد هٿ ڪيو ويو. دهشگرد ڌماڪيدار مواد آئي اي ڊيز جي تياري ۾ استعمال ڪري رهيا هئا.پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته علائقي ۾ ٻين دهشتگردن جي خاتمي لاءِ سينيٽائزيشن آپريشن جاري آهي. عزم استحڪام جي تحت پرڏيهي سرپرستي ۾ ٿيل دهشتگردي جي خاتمي جون ڪارروايون ڀرپور انداز ۾ جاري رهنديون.وفاقي گهرو وزير محسن نقوي خاران ۽ واشڪ ۾ ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو. وفاقي گهرو وزير دهشتگردن جا ناپاڪ ارادا ناڪام بنائڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشوارانه صلاحيتن جي تعريف ڪئي.محسن نقوي چيو ته 11 ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن جي مارجي وڃڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي سلام پيش ڪريون ٿا. سيڪيورٽي فورسز ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگرد جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهي. محسن نقوي چيو ته سيڪيورٽي فورسز جا بهادر جوان قوم جو سرمايو آهن. قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو