جڊيشل ڪامپليڪس مان وڪيل جو مشڪوڪ حالت ۾ لاش هٿ

جڊيشل ڪامپليڪس مان وڪيل جو مشڪوڪ حالت ۾ لاش هٿ

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)راولپنڊي جي جوڊيشل ڪمپليڪس ۾ هڪ وڪيل پنهنجي ڪار اندر مئل حالت ۾ مليو. پوليس ۽ فارنزڪ ماهرن واقعي واري هنڌ تان شاهديون گڏ ڪيون ته جيئن موت جو سبب معلوم ڪري سگهجي.
ايڪسپريس ٽريبيون جي رپورٽ موجب فوت ٿيل وڪيل جي سڃاڻپ ايڊووڪيٽ ثناءُ الله ستي طور ڪئي وئي. پوليس موجب سندس لاش جوڊيشل ڪمپليڪس ۾ لائرز ڪلب ٻاهران بيٺل ڪار جي ڊرائيونگ سيٽ تان مليو. اهو علائقو انتهائي حساس آهي ۽ سول لائنز ٿاڻي جي حدن ۾ اچي ٿو.
پوليس موجب وڪيل جو منهن ۽ اکيون سڄيل نظر اچي رهيون هيون، جڏهن ته سندس منهن ۽ ڪپڙن تي رت جا نشان پڻ موجود هئا. تنهن هوندي به اختيارين جو چوڻ هو ته فوري طور تي اهو طئي نه ٿي سگهيو ته سندس موت تشدد جي نتيجي ۾ ٿيو يا ڪنهن ٻئي سبب جي ڪري.
لاش جي اطلاع ملڻ کان پوءِ پوليس علائقي کي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو ۽ فارنزڪ ماهرن کي طلب ڪيو. لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪرڻ کان اڳ گاڏي ۽ ڀرپاسي واري هنڌ تان شاهديون گڏ ڪيون ويون.
ابتدائي جاچ موجب جنهن گاڏي مان وڪيل جو لاش مليو، اها اڱاري صبح جوڊيشل ڪمپليڪس جي مک دروازي کان اندر داخل ٿي هئي ۽ ان کان پوءِ ڪمپليڪس مان ٻاهر نه نڪتي.
پوليس جاچ جي سلسلي ۾ جوڊيشل ڪمپليڪس جي سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي فوٽيج پڻ تحويل ۾ وٺي ڇڏي آهي.
راولپنڊي جي ايس ايس پي آپريشنز ملڪ طارق محبوب واقعي واري هنڌ جو دورو ڪيو ۽ بعد ۾ ميڊيا کي ٻڌايو ته ابتدائي نتيجن مان ظاهر ٿئي ٿو ته وڪيل پاڻ گاڏي هلائي جوڊيشل ڪمپليڪس اندر آيو هو.
هن وڌيڪ چيو ته پوليس ۽ فارنزڪ ماهر موت جي حالتن جو پتو لڳائڻ لاءِ الڳ الڳ ڪم ڪري رهيا آهن.
محبوب چيو، ”اسان سي سي ٽي وي فوٽيج ۽ ٻيون شاهديون پڻ گڏ ڪري رهيا آهيون، جڏهن ته موت جو سبب معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ جاري آهي.“
هن چيو ته جاچ ۽ فارنزڪ معائنو مڪمل ٿيڻ کان پوءِ وڌيڪ تفصيل سامهون ايندا، جڏهن ته ڪا به اهم اڳڀرائي ٿيندي ته ان بابت ميڊيا کي آگاهه ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو