ڪراچي پوليس مقابلا، 3 جوابدار مارجي ويا، 3 زخمي گرفتار

ڪراچي پوليس مقابلا، 3 جوابدار مارجي ويا، 3 زخمي گرفتار

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ مبينا مقابلي دوران ٽي شڪي مارجي ويا ۽ ٽي شڪي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيا ويا.ڪورنگي شاهين فورس ملير ندي ڪاز وي روڊ ويجهو شڪي ماڻهن سان باهمي فائرنگ دوران هڪ شڪي کي ماري ڇڏيو، جڏهن ته نارٿ ناظم آباد پوليس مبينا مقابلي کانپوءِ هڪ شڪي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو، جڏهن ته ملزم جو ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.اينٽي وهيڪل لفٽنگ سيل منگهو پير ڊويزن پوليس ناڪابندي دوران شڪي ماڻهن سان فائرنگ جي تبادلي دوران هڪ شڪي کي ماري ڇڏيو، جڏهن ته ملزم جو ساٿي رات جي اونداهي جو فائدو وٺندي فرار ٿي ويو، جنهن جي ڳولا جاري آهي.نيو ڪراچي پوليس سيڪٽر 11-I جي ويجهو مقابلي کانپوءِ هڪ شڪي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو. اورنگي ٽائون ۾ شهرين کي ڦر ڪندڙ مبينا جوابدار پنهنجي ساٿي جي گولي لڳڻ سان مارجي ويو. فوت ٿيل شڪي پنهنجي ساٿي سان گڏ ڦرلٽ ڪرڻ کان پوءِ فرار ٿي رهيو هو ته شهرين کيس پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي شڪي ماڻهن فائرنگ ڪئي. شڪي کي سندس ئي ساٿي گولي هڻي ڇڏي.سرجاني پوليس فائرنگ جي تبادلي کانپوءِ هڪ شڪي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو. گرفتار ۽ مارجي ويل جوابدارن جي قبضي مان هٿيار، چوري ٿيل سامان، چوري ٿيل ڪارون ۽ موٽر سائيڪلون هٿ ڪيون ويون آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو