اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف سعودي عرب جي مختلف شهرن تي حوثين جي حملن جي مذمت ڪندي سعودي عرب جي سلامتي ۽ خودمختياري لاءِ پاڪستان جي مستقل حمايت جو عزم ورجايو آهي.يمن جي حوثي جماعت انصارالله سعودي شهرن ابها، خميس مشيط، نجران ۽ جازان ۾ حملا ڪيا، جن دوران شهري ۽ اقتصادي ٿاڪن کي نشانو بڻايو ويو. حملن ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 73 ڄڻا زخمي ٿيا. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اهڙا حملا نه رڳو بيگناهه انساني جانين لاءِ خطرو آهن، پر علائقائي امن ۽ سلامتي کي پڻ متاثر ڪن ٿا. هن چيو ته پاڪستان سعودي عرب جي خودمختياري، سلامتي ۽ علائقائي سالميت لاءِ پنهنجي مستقل حمايت جو عزم ورجائي ٿو، جڏهن ته خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان، ولي عهد محمد بن سلمان ۽ ڀاءُ سعودي عوام سان ايڪي جو اظهار ڪري ٿو. وزيراعظم زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪندي چيو ته پاڪستان سعودي عرب سان هر ڏکئي وقت ۾ گڏ بيٺل آهي.










