پشاور(ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن (PHCBA) سومر ڏينهن پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز جي پاڙيسري صوبن مان ”خطرن“ بابت تازو ڏنل بيان جي مذمت ڪندي کانئس غيرمشروط معافي گهرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
جاري ڪيل بيان موجب پشاور هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جو اجلاس هتي ان جي صدر امين الرحمان يوسفزئي جي صدارت هيٺ ٿيو. PHCBA جي جنرل سيڪريٽري اشفاق احمد دائودزئي اجلاس جي ڪارروائي هلائي.
اجلاس ۾ مريم نواز جي خيبرپختونخوا بابت تازي بيان جي مذمت ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته تعصب تي ٻڌل اهڙو ”غيرذميواراڻو بيان“ ڏيڻ نه رڳو خيبرپختونخوا جي عوام جي توهين آهي، پر نفرت پکيڙڻ ۽ قومي جذبن کي ڀڙڪائڻ جي ڪوشش پڻ آهي.
ايگزيڪيوٽو ڪائونسل چيو ته اهڙي وقت ۾، جڏهن قومي اتحاد ۽ صوبن وچ ۾ هم آهنگي انتهائي اهم آهي، اهڙا بيان ملڪ لاءِ انتهائي نقصانڪار آهن. ڪائونسل چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ خيبرپختونخوا جي عوام سڀ کان وڏيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ هزارين عام شهرين ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن پاڪستان جي امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪيون آهن.
پريس رليز ۾ چيو ويو: ”دهشتگردي ڪنهن هڪ صوبي تائين محدود ناهي؛ اهو سڄي قوم کي درپيش مسئلو آهي. ڪنهن هڪ صوبي کي ان جو ذميوار قرار ڏيڻ افسوسناڪ، مذمت جوڳو ۽ ناقابل قبول آهي.“
ڪائونسل پنجاب جي وڏي وزير کان مطالبو ڪيو ته هوءَ خيبرپختونخوا جي عوام، خاص طور تي پختون قوم کان غيرمشروط ۽ سرعام معافي وٺي، پنهنجو بيان واپس وٺي ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ خيبرپختونخوا جي عوام، پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز پاران ڏنل بي مثال قربانين جو اعتراف ڪري.
ڪائونسل چيو ته هاڻي وقت قومي اتحاد جو آهي، ورهاست جو نه؛ تنهن ڪري اهڙا ورهائيندڙ بيان ملڪ کي وڌيڪ ڪمزور ۽ ورهائي ڇڏيندا.
ڪائونسل چيو ته سمورن صوبن ۽ قومن کي متحد رکڻ ۽ اختلاف پيدا نه ڪرڻ سياسي قيادت جي ذميواري آهي.
بيان م چيو ويو آهي ته ”خيبرپختونخوا جي عوام جي قربانين جو اعتراف ڪرڻ ۽ اهڙا اشتعال انگيز بيان ڏيڻ کان پاسو ڪرڻ ملڪ جي امن، استحڪام ۽ اتحاد لاءِ ضروري آهي.
هن وقت جي ضرورت اها آهي ته سمورن صوبن ۽ قومن وچ ۾ احترام، هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي هٿي ڏني وڃي.“










