پي ٽي آءِ 27 سيپٽمبر احتجاج، ڌرين کي نوٽيس جاري

پي ٽي آءِ 27 سيپٽمبر احتجاج، ڌرين کي نوٽيس جاري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس سرفراز ڊوگر پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي 27 سيپٽمبر جي احتجاج کي آئيني بحران سان تشبيهه ڏني آهي.پي ٽي آءِ جي احتجاج سان لاڳاپيل درخواست ۾ اهم پيش رفت ٿي آهي ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻڌڻي لاءِ هڪ وڏي بينچ ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي.معاملي کي آئيني بحران سان تشبيهه ڏيندي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس معاملي جي حساسيت کي نظر ۾ رکندي اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪيو.عدالت چئني صوبن جي آءِ جيز ۽ ايڊووڪيٽ جنرلز کي به نوٽيس جاري ڪيا آهن ۽ انهن کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو آهي. ان کان علاوه، چيف ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر ۽ آءِ جي اسلام آباد کي به ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو ويو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 10 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو