دهشتگردي بابت بيان، گوهر جو مريم نواز کان معافي گهرڻ جو مطالبو

دهشتگردي بابت بيان، گوهر جو مريم نواز کان معافي گهرڻ جو مطالبو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر علي خان مطالبو ڪيو آهي ته وزيراعليٰ مريم نواز کي دهشتگردي بابت پنهنجي بيان تي معافي وٺڻ گهرجي.سپريم ڪورٽ جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي بيرسٽر گوهر چيو ته پنجاب جي وزيراعليٰ جو دهشتگردي بابت ڏنل بيان جي مذمت ڪريان ٿو. پاڪستان ۾ دهشتگردي جي پٺيان انڊيا ۽ را آهن پر وزيراعليٰ پنجاب جو بيان تعصباڻو آهي.هن چيو ته پنجاب جي وزيراعليٰ کان علاوه ڪوبه اهڙو بيان ڏئي ها ته ايف آءِ آر داخل ٿي چڪي هجا ها دهشتگردي تي قومي سياسي قيادت کي سنجيده رويو رکڻ گهرجي.بيرسٽر گوهر چيو ته دهشتگردي تي نه پوائنٽ اسڪورنگ ٿيڻ گهرجي نه ئي وري سياسي بيان بازي، اسان جا سويلينز ۽ فوج قربانيون ڏئي رهيا آهن.صوبن جي حوالي سان هن جو چوڻ هو ته نوان صوبا ٺاهڻ سنجيده معاملو آهي انهي تي بحث ٿيڻ گهرجي پر صوبن ٺاهڻ جي لاءِ تڪراري قانونسازي نه ٿيڻ گهرجي.بيرسٽر گوهر چيو ته عوام جي مرضي کان سواءِ سنڌ کي ورهايو ويو ته وفاق ڪمزور ٿيندو، سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان ۾ عوامي نمائندن ۽ عوام جي مرضي کان سواءِ ورهاست سان ڏکيائيون پيدا ٿينديون اهڙا تجربا ملڪ ۾ نه ڪريو. پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته جڏهن نئون پارليامينٽ اچي وڃي ته اهو صوبن جي معاملن کي ڏسي، 18هين ترميم جهڙي مشاورت ٿيڻ گهرجي، تڪڙ ۾ صوبا ٺاهڻ جو فيصلو وفاقي يڪجهتي جي خلاف هوندو.ڳالهين بابت بيرسٽر گوهر چيو ته ڳالهيون اڳ به آڇ جي حد تائين رهيون پر ڳالهين جي معاملي تي اڳڀرائي ٿيڻ گهرجي پنهنجو پاڻ ڪجهه ڪندو ته عوام جو سمنڊ ٻاهر ايندو.پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته سنڌ جي عوام جو ٿورو ادا ڪريان ٿو انهي ڪي پي ڪي جي وڏي وزير جو ڀرپور استقبال ڪيو، وزيراعليٰ جي ڪراچي واپسي تي رڪاوٽون وجهڻ جي باوجود ماڻهو نڪتا، ڪي پي ڪي جي وڏي وزير جو استقبال اهو ظاهر ڪري ٿو ته عوام اسٽيٽس کي نٿو چاهي.

پهنجو تبصرو موڪليو