ارڙهين ترميم تي تنقيد فارم 47 وارا ڪن ٿا، شرجيل ميمڻ

ارڙهين ترميم تي تنقيد فارم 47 وارا ڪن ٿا، شرجيل ميمڻ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سينئر وزير ۽ صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته اٺارھين ترميم جي نتيجي ۾ صوبن صحت، تعليم، توانائي ۽ ٻين شعبن ۾ نمايان ترقي ڪئي، افسوس جي ڳالهه هيءَ آهي ته اڄ وفاقي حڪومت جا ڪجهه وزير اٺارھين ترميم جي خلاف ڳالهائي رهيا آهن، انهن کي پهريان ان ترميم جي فائدن ۽ ان جي نتيجي ۾ صوبن جي ڪارڪردگي کي ڏسڻ گهرجي. سنڌ اسيمبليءَ ۾ ڳالهائيندي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته توهان جناح اسپتال جي مثال وٺي ڏسو، اٺارھين ترميم کان پهريان ان جي صورتحال ڇا هئي ۽ اڄ ڇا آهي؟ اين آءِ سي وي ڊي پاڪستان جي بهترين طبي ادارن ۾ شمار ٿئي ٿو، سڄي ملڪ مان هزارين ماڻهو مفت علاج لاءِ اچن ٿا. هي انهيءَ نظام ۽ صوبائي اختيارن جو نتيجو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ٿر ڪول جي مثال ورتي وڃي ته اڄ ٿر مان ساڍا ٽي هزار ميگاواٽ کان وڌيڪ بجلي پيدا ٿي رهي آهي، هيءَ بجلي صرف سنڌ يا ڪنهن هڪ شهر لاءِ ناهي بلڪه سڄي پاڪستان لاءِ آهي ۽ نيشنل گرڊ ۾ شامل ٿي رهي آهي، سنڌ جي وسيلن مان پيدا ٿيندڙ هيءَ توانائي سڄي ملڪ کي فائدو پهچائي رهي آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته صحت، تعليم ۽ انفراسٽرڪچر جي شعبن ۾ سنڌ اٺارھين ترميم کان پوءِ نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي، سکر جهڙن شهرن ۾ يونيورسٽيون ۽ جديد طبي سهولتون قائم ٿيون آهن، سنڌ جو هيلٿ ڊپارٽمينٽ اڄ پنهنجن پيرن تي بيٺل آهي ۽ صوبو پنهنجن وسيلن ذريعي عوام کي سهولتون فراهم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته گذريل ڪجھ ڏينهن ۾ وفاقي وزيرن جا صوبن ۽ اٺارھين ترميم بابت اهڙا بيان سامھون آيا آهن جيڪي انتهائي افسوسناڪ آهن، مصطفيٰ ڪمال، احسن اقبال، خواجه آصف يا ڪنهن ٻئي وفاقي وزير کي اٺارھين ترميم يا صوبن جي اختيارن تي ڪو اعتراض آهي ته پارليامينٽ ۾ اچي ڳالهائين، اسيمبليءَ ۾ اسان جا نمائندا موجود آهن، جيڪي توهان جي هر ڳالهه جو آئيني، قانوني ۽ انگن اکرن سان جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکن ٿا، توهان ميڊيا آڏو يا عوامي ميڙاڪن ۾ ويهي بيان ڏئي سگهو ٿا، پر جيڪڏهن واقعي دليل ۽ موقف آهي ته اسيمبليءَ ۾ اچي ڳالهائين، بدقسمتيءَ سان اڄ اهڙا ماڻهو اٺارھين ترميم تي ليڪچر ڏئي رهيا آهن جيڪي فارم 47 جي پيداوار آهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته منهنجي انهن تمام وفاقي وزيرن کي گذارش آهي ته پهريان عوام ۾ وڃن، عوام کان ووٽ وٺي چونڊجي اچن، پوءِ قوم جي فيصلن تي ڳالهائين، خيراتي يا مصنوعي مئنڊيٽ تي ويٺل ماڻهو قوم جا فيصلا نٿا ڪري سگهن، قوم جا فيصلا اهي ماڻهو ڪندا جن کي قوم پنهنجي ووٽ سان چونڊيو آهي، توهان ماڻهو پهريان عوام ۾ وڃو، ووٽ وٺي اچو، توهان ماڻهو خيراتي مئنڊيٽ وٺي هتي ويٺا آهيو، توهان ماڻهو ويهي قوم جا فيصلا نه ڪندؤ، قوم جا فيصلا چونڊيل نمائندا ئي ڪندا. هن چيو ته سوئي گيس جي ڳالهه ڪريون ته سنڌ سالن کان ملڪ کي گيس جي وڏي پيداوار ڏئي رهيو آهي، پر بدلي ۾ سنڌ کي ان جي جائز حصي جي گيس به نٿي ملي. بجليءَ جي ڳالهه ڪريون ته ٿرپارڪر مان صرف ڪوئلي ذريعي ساڍا ٽي هزار ميگاواٽ کان وڌيڪ بجلي پيدا ٿي رهي آهي. ان کان علاوه ونڊ پاور، ڪلين انرجي ۽ ٻيا توانائيءَ جا منصوبا به سنڌ ۾ قائم آهن. اسان انرجي پارڪ ٺاهيا آهن، ونڊ پاور جا منصوبا لڳايا آهن، پر ان جي باوجود توانائيءَ جي بحران جو سڀ کان وڏو بار سنڌ جا عوام برداشت ڪري رهيا آهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسان کي بار بار چيو ويندو آهي ته پنجاب جون موٽرويز ڏسو، اتي سٺا روڊ رستا آهن. مان پڇان ٿو، پنجاب جون موٽرويز پنجاب حڪومت ٺاهيون آهن؟ نه، اهي وفاقي حڪومت جا منصوبا آهن. ۽ وفاق وٽ جيڪي وسيلو آهن، انهن ۾ سنڌ مان حاصل ٿيندڙ ٽئڪس جو هڪ وڏو حصو شامل آهي. جڏهن سڀ کان وڌيڪ ٽئڪس ڏيندڙ صوبي مان ريوينيو ورتو وڃي ٿو ته وفاق جي به اها ذميواري بڻجي ٿي ته ان صوبي جي بنيادي ڍانچي تي به انهيءَ سنجيدگيءَ سان سيڙپڪاري ڪري. هن چيو ته سڄي سنڌ ۾ اڄ تائين هڪ مڪمل موٽروي جو اهو نيٽ ورڪ ناهي ٺاهيو ويو جيڪو پنجاب ۾ موجود آهي. پنجاب ۾ موٽرويز ٺهن ٿيون ته ان جو ڪريڊٽ صوبائي حڪومتن يا سياسي پارٽين کي ڏنو ويندو آهي، جيتوڻيڪ اهي وفاقي حڪومت جا منصوبا ۽ وفاقي وسيلن سان تعمير ٿين ٿا. سنڌ به ان وفاق جو حصو آهي، ته پوءِ سنڌ سان گڏ هي امتيازي سلوڪ/ ڇو؟ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته گيس جي سڀ کان وڌيڪ پيداوار سنڌ مان ٿئي ٿي، پر سنڌ جي عوام کي پنهنجي ضرورت موجب گيس نٿي ملي. بجلي سنڌ ۾ پيدا ٿئي ٿي، ٿر مان بجلي قومي گرڊ ۾ وڃي ٿي، پر لوڊشيڊنگ به سنڌ جا عوام ئي ڀوڳي رهيا آهن. هن چيو ته اسان جون نشتون گهڻو ڪري ٻهراڙي واري سنڌ ۾ آهن، اتي صورتحال اها آهي ته ڪجهه علائقن مان ٽرانسفارمر ئي ٻاهر ڪڍي ويا آهن. حيسڪو ۽ سيپڪو وارا چون ٿا ته ڪجهه ماڻهن بجليءَ جا بل ادا ناهن ڪيا، جيڪڏهن ويهه ماڻهن بل ادا ناهن ڪيا ته انهن ويهن ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪريو، انهن جا ڪنيڪشن ڪٽيو، انهن کان بقاياجات وصول ڪريو، سڄي ڳوٺ يا سڄي علائقي کي سزا ڏيڻ ڪهڙو انصاف آهي؟ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته توهان اجتماعي سزا نٿا ڏئي سگهو. هي بنيادي انساني ۽ آئيني اصولن جي خلاف آهي. مون اڄ کان تقريباً اٺ سال پهريان انهيءَ معاملي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي هئي، جنهن جو اسپيڪر صاحب به اڄ ايوان ۾ ذڪر ڪيو، پر افسوس جو اڄ تائين اها پٽيشن التوا ۾ آهي ۽ ڪو ان کي هٿ لائڻ لاءِ تيار ناهي. هن چيو ته هي صرف هڪ انتظامي مسئلو ناهي، هي اجتماعي سزا جو معاملو آهي. هي پاڪستان جي آئين جي بنيادي اصولن جي خلاف آهي. واپڊا، حيسڪو ۽ سيپڪو کي پنهنجي نااهليءَ جو بار عوام تي وجهڻ بدران پنهنجو موثر ۽ منصفاڻو نظام ٺاهڻو پوندو، ڪجهه ماڻهن جي بل نه ڏيڻ جي سزا پوري علائقي کي نٿي ڏئي سگهجي، وفاقي ادارن کي پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻي پوندي ۽ سنڌ جي عوام سان امتيازي سلوڪ ختم ڪرڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو