عليمه خان تي مختلف ٿاڻن تي ڪيس داخل،رپوٽ جمع

عليمه خان تي مختلف ٿاڻن تي ڪيس داخل،رپوٽ جمع

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عليمه خان ۽ عظمه خان خلاف داخل ڪيل ڪيسن جو تفصيل فراهم ڪرڻ واري درخواست تي ٻڌڻي ڪندي معاملي کي اڪلائي ڇڏيو، عدالت ۾ جمع ڪرايل رپورٽ مطابق پي ٽي آءِ بانيءَ جي ٻنهي ڀينرن خلاف اسلام آباد جي مختلف ٿاڻن ۾ 3 ڪيس داخل آهن، جڏهن ته ايف آءِ اي (FIA) ۾ پڻ هڪ انڪوائري التوا هيٺ آهي. جسٽس شاهه رخ ارجمند وٽ ٿيل ٻڌڻي دوران عليمه خان پاران وڪيل خالد يوسف چوڌري ۽ شاهينه شهاب، جڏهن ته سرڪار پاران عثمان گھمن پيش ٿيا. ٻڌڻي وقت سرڪاري وڪيل عدالت کي آگاهه ڪيو ته اڄ تائين جي رڪارڊ موجب ٻنهي ڀينرن خلاف ڪل اهي ئي ٽي ڪيس ۽ هڪ ايف آءِ اي انڪوائري موجود آهي. واضح رهي ته بئريسٽر سلمان صفدر جي معرفت شاهريز خان پاران اها درخواست آڪٽوبر 2024ع ۾ ٻنهي ڀينرن جي گرفتاريءَ واري وقت داخل ڪئي وئي هئي. عدالت پوليس ۽ ايف آءِ اي جي تفصيلي رپورٽ حاصل ٿيڻ بعد درخواست فائل بئنڊ (نپٽائي) ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو