صوبا ٺاهڻ واري معاملي تي اتفاق راءِ قائم ڪرڻو پوندو

صوبا ٺاهڻ واري معاملي تي اتفاق راءِ قائم ڪرڻو پوندو

لاهور: (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته صوبا ٺاهڻ جي معاملي تي هڪ اتفاق راءِ قائم ڪرڻو پوندو، سنڌ اسيمبلي ۾ جيڪي پيپلز پارٽي جي ميمبرن ٽپا ڏنا آهن اهو مذمت جوڳو عمل آهي، ڪوبه سنڌوديش قبول نه ڪنداسين، ڪوبه ميري اک کڻي ڏسندو ته برداشت نه ڪنداسين.لاهور ۾ فيصل چوڪ مال روڊ تي ڌرڻي جي هنڌ تي پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته پيپلز پارٽي کي سنڌ سان سروڪار آهي سنڌين سان نه، جيڪڏهن محبت هجي ها ته سنڌين کي پڙهائين ها، پيپلز پارٽي وارا رهندا دبئي ۾ آهن ۽ سندن ٻار يورپ ۾ پڙهندا آهن، اهي وري چون ٿا ته سنڌ کي ورهائڻ نه ڏينداسين، ڪراچي ۾ ٽي ايم اوز سيڪريٽري، ٽريفڪ پوليس سميت سمورن کاتن ۾ اردو ڳالهائيندڙ نه آهن، سمورا سنڌي آهن.حافظ نعيم الرحمان چيو ته پيپلز پارٽي وارا جمهوريت دشمن آهن، زمينن جي ڦر مار ڪري لاڙڪاڻي ۾ ڪارخانه لڳايا، هي سمورا پئسا دبئي ۽ لنڊن کڻي ويندا آهن بلاول اسڪول جي ٻارن سان گڏجي تصويرون ته ٺهرايون پر ٻارن جا وار مٽيءَ سان ڀريل هئا ۽ پيرن ۾ انهن کي ٽٽل چپلون پاتل هيون. بلاول 7 لک روپين جا جوتا پائي انهن جو مذاق اڏائيندو رهيو.جماعت اسلامي جي امير چيو ته فريال ٽالپر چوي ٿي ته هو مشرف جي دور ۾ نوابشاهه جي ضلعي ناظم هئي، بي شرمي جي انتها آهي، مشرف دور جو نظام انهي جي دور جي نظام کان هزار ڀيرا بهتر هو، مشرف جهڙي ڊڪٽيٽر لوڪل سطح تي بهترين نظام ڏنو، جمهوريت جي چيمپين پيپلز پارٽي سنڌ تي قبضو ڪري ورتو آهي بينظير کي ڪهڙو جواب ڏيندا، جڏهن پيپلز پارٽي وارن جو بينطير جي سامهون ٿيندا ته کيس ٻڌائيندا ته اسان هارين کي تباهه ڪيو، سنڌ کي اجاڙي ڇڏيو، ماڻهن کي تعليم کان پري رکيو.جماعت اسلامي جي امير ڌرڻي بابت ڳالهائيندي چيو ته مطالبا نه مڃيا ويا ته جماعت اسلامي احتجاج جو دائرو وڌائيندي ڦيٿا روڪ ۽ شٽربند هڙتال جو سڏ ڏيندي، پيٽرول پمپ بند ڪيا ويندا ۽ اسلام آباد طرف لانگ مارچ سميت حڪومت مخالف تحريڪ جو آپشن به استعمال ڪيو ويندو. احتجاج جو مقصد عوام کي رليف ڏيارڻ آهي، ڇو ته مهانگائي سبب تعليم، صحت ۽ ٻيون بنيادي سهولتون عام ماڻهو جي پهچ کان پري ٿي ويون آهن.هن پيٽروليم ليوي کي جگا ٽيڪس قرار ڏيندي چيو ته هن وقت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تقريبن 130 روپيه ٽيڪس شامل آهي. جنهن ۾ حڪومت سڌو سنئون 105 روپين کان وڌيڪ وصول ڪري رهي آهي. شهباز شريف حڪومت 4 هزار ارب روپين کان وڌيڪ پيٽروليم ليوي وصول ڪئي، حڪومت ٻڌائي اها رقم ڪٿي خرچ ڪئي وئي.حافظ نعيم الرحمان چيو ته قوم کي 6 سيپٽمبر مبارڪ هجي جماعت اسلامي پاڪ فوج جي انهن قربانين کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي جيڪا هو ملڪ جي دفاع لاءِ ڏيندا آهن. هن جو چوڻ هو ته فوج ۽ عوام جي وچ ۾ اتحاد انهي وقت متاثر ٿيندو آهي جڏهن آئيني حدن کان مٿانهون استعمال ڪيو وڃي. ادارن کي پنهنجي پنهنجي آئين ۾ رهي ڪم ڪرڻ گهرجي جماعت اسلامي عوام جي حقن لاءِ احتجاج جاري رکندي ۽ حڪومت وٽ مطالبا مڃڻ يا تحريڪ کي منهن ڏيڻ کان سواءِ ڪوبه ٻيو رستو نه هوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو