اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان آچر ڏينهن انهن مسلم ملڪن ۾ شامل هو، جن اسرائيلي وزيرن پاران غزه پٽي مان فلسطيني عوام کي بي دخل ڪرڻ بابت بيانن جي مذمت ڪئي، جن ۾ فلسطينين کي زبردستي پنهنجي زمين مان ڪڍڻ لاءِ منصوبن ۽ طريقن بابت تجويزون پڻ شامل هيون.
هن هفتي جي شروعات ۾ اسرائيل جي قومي سلامتي واري وزير اتمار بن گوِير ۽ بچاءَ واري وزير اسرائيل ڪاتز غزه پٽي مان فلسطينين کي وڏي پيماني تي ڪڍڻ بابت تجويزون پيش ڪيون هيون. گذريل ٽن سالن دوران ساڄي ڌر جي اسرائيلي سياستدانن اهڙو خيال بار بار پيش ڪندا رهيا آهن، خاص طور تي چونڊن کان اڳ پنهنجن حامين کي گڏ ڪرڻ لاءِ.
انتهاي ساڄي ڌر سان تعلق رکندڙ سلامتي واري وزير بن گوِير ”رضاڪارانه لڏپلاڻ“ جي نالي هيٺ غزه جي آبادي کي هٽائڻ لاءِ ستن سالن جو منصوبو پيش ڪيو هو، جڏهن ته اسرائيلي بچاءَ واري وزير ڪاتز چيو هو ته ”آخرڪار اهڙي لڏپلاڻ کانسواءِ غزه جي مسئلي جو ڪو حقيقي حل ناهي.“
هن اسرائيلي اخبار يديعت احرونوت پاران منعقد ڪيل هڪ آن لائين ڪانفرنس دوران چيو، ”جيڪڏهن اهو ممڪن ٿيو ته اسان کين سمنڊ، هوا يا هر ممڪن طريقي سان اتان منتقل ڪرڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهيون.“
پاڪستان، مصر، انڊونيشيا، اردن، قطر، سعودي عرب، ترڪي ۽ گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي وزيرن گڏيل بيان ۾ انهن بيانن جي سخت مذمت ڪئي.
گڏيل بيان ۾ چيو ويو: ”اهڙا اشتعال انگيز بيان ۽ تجويزون بين الاقوامي قانون جي اصولن، جن ۾ بين الاقوامي انساني قانون پڻ شامل آهي، جي کليل خلاف ورزي آهن ۽ فلسطيني عوام جي جائز ۽ ناقابلِ تنسيخ حقن لاءِ سڌو خطرو آهن.“
پرڏيهي وزيرن ڪنهن به بهاني يا جواز تحت، قبضي هيٺ فلسطيني علائقن جي اندر يا ٻاهر، فلسطيني عوام کي بي دخل ڪرڻ جي مقصد سان ڪيل ڪنهن به ڪوشش يا منصوبي کي بنا ڪنهن شڪ جي رد ڪرڻ ۽ ان جي مذمت ڪرڻ جو اعادو ڪيو.
هنن خبردار ڪيو ته فلسطيني عوام کي زبردستي بي دخل ڪرڻ جي مطالبن کي سرڪاري پاليسي يا فلسطينين کي سندن زمين مان پاڙان پٽي ڪڍڻ لاءِ عملي قدمن ۾ تبديل ڪرڻ جا ”انتهائي سنگين نتيجا“ نڪري سگهن ٿا.
گڏيل بيان ۾ چيو ويو: ”اهڙا قدم امن قائم ڪرڻ لاءِ جاري بين الاقوامي ڪوششن لاءِ هڪ چئلينج آهن، جن ۾ سڀ کان اهم صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو غزه تڪرار ختم ڪرڻ لاءِ جامع منصوبو شامل آهي، جيڪو زبردستي بي دخلي کي واضح طور رد ڪري ٿو. اهڙا قدم خطي ۾ استحڪام جي امڪانن کي سخت نقصان پهچائڻ جو خطرو پڻ رکن ٿا.“
پرڏيهي وزيرن زور ڏنو ته غزه پٽي فلسطيني علائقي جو هڪ لازمي حصو آهي ۽ غزه پٽي ۽ اولهه ڪناري، جنهن ۾ اوڀر بيت المقدس پڻ شامل آهي، جي فلسطيني علائقي واري وحدت برقرار رکڻ جي اهميت تي زور ڏنو.
هنن ٻيهر واضح ڪيو ته: ”منصفاڻي ۽ دائمي امن حاصل ڪرڻ جو واحد رستو ٻه رياستي حل تي عملدرآمد آهي، جنهن تحت 4 جون 1967ع کان اڳ وارين سرحدن جي بنياد تي هڪ آزاد فلسطيني رياست قائم ڪئي وڃي ۽ اوڀر بيت المقدس کي ان جو گاديءَ جو هنڌ بڻايو وڃي، جيڪو بين الاقوامي قانوني جواز جي لاڳاپيل قراردادن مطابق هجي.“
هنن عالمي برادري، خاص طور تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل تي زور ڏنو ته اها ”پنهنجون ذميواريون نڀائي ۽ قبضي هيٺ فلسطيني علائقن ۾ ڪا نئين آباديائي يا جاگرافيائي حقيقت مڙهڻ جي ڪنهن به ڪوشش جو مضبوطي سان مقابلو ڪري، ۽ بين الاقوامي قانون جي اصولن جو احترام يقيني بڻائي.“
پرڏيهي وزيرن فلسطينين جي پنهنجي زمين تي ثابت قدمي سان قائم رهڻ جي مڪمل ۽ مسلسل حمايت جو اعادو ڪيو ۽ فلسطيني مسئلي کي ختم ڪرڻ يا فلسطيني عوام جي جائز حقن کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ ٿيندڙ هر قسم جي ڪوشش کي رد ڪيو.










