ماءُ جي لاش کي 12 سالن تائين فريزر ۾ رکڻ جو انڪشاف

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي گلشن اقبال جي بلاڪ 11 ۾ مبينا طور ڀيڻ جي لاش کي گندگي جي ڍير تي اڇلائيندڙ ڀاءُ کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس مطابق لاش ذڪيا نالي عورت جي آهي جنهن جو انتقال 10 کان 12 سال اڳ ٿيو هو. ايس ايس پي تنوير اوڍو جو چوڻ هو ته ذڪيا جي وفات کان پوءِ ان جي ٻارن لاش دفنائڻ بجاءِ فريزر ۾ رکي ڇڏيو هو. پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته گذريل رات محبوب نالي شخص گندگي جي ڍير ويجهو لاش اڇلائي هئي جنهن کي تحويل ۾ ورتو ويو آهي جڏهن ته لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو آهي.  پوليس مطابق لاش اڇلائيندڙ محبوب جي عمر 70 سال آهي ۽ هو ذڪيا خاتون جو ڀاءُ آهي. محبوب ٻڌايو ته ذڪيا جي پٽ ۽ ڌيءَ پنهنجي ماءُ سان محبت ۾ ان جو لاش سنڀالي رکيو هو. ان حوالي سان هن وڌيڪ ٻڌايو ته هو 3 ڀيڻ ڀائر هيا جنهن ۾ ذڪيا سڀ کان وڏي ڀيڻ هئي جنهن جو انتقال 10 کان 12 سال اڳ ٿيو هو. هن جو چوڻ هو ته ذڪيا جي ٻارن جا نالا شگفته رياٰض ۽ قيصر رياٰض هيا جيڪي عزيز رشتيدارن، پاڙيسرين سميت ڪنهن سان به نه ملندا هئا. هن ٻڌايو ته ان جي ڀيڻ جي ٻنهي ٻارن جو 4 مهينا اڳ انتقال ٿي چڪو آهي جيڪي گلشن اقبال ۾ رهندا هئا. محبوب مطابق ڪجهه ڏينهن اڳ هو فليٽ ڏسڻ ويو ته هر طرف گندگي جا ڍير هيا ۽ بستري تي ان جي ڀيڻ جي لاش رکيل هئي. هن ٻڌايو ته عورت جو پٽ ڪنهن ڪمپني ۾ چارٽرڊ اڪائونٽنٽ هيو جڏهن ته ڌي گهر ۾ رهندي هئي ٻئي ڀيڻ ڀاءُ ڊپريشن جا مريض ۽ غير شادي شدهه هيا. عورت جي لاش کي اڇلائڻ واري سي سي ٽي وي فوٽيج منظر عام تي اچڻ کان پوءِ واقعو نئون موڙ اختيار ڪيو. پوليس مطابق ٻارن جي انتقال کان پوءِ ذڪيا جو فليٽ ڪافي عرصي تائين خالي هيو پر محبوب کي حراست ۾ وٺي وڌيڪ تفتيش ڪري رهيا آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو