اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ايشيائي ترقياتي بينڪ (اي ڊي بي) پاڪستان کي چيو آهي ته هو پنهنجي ٽيڪس جي بنياد کي وسيع ڪري.ايشيائي ترقياتي بينڪ ملڪ لاءِ اضافي 200 ملين ڊالر قرض جو اعلان پڻ ڪيو آهي.ايشيائي ترقياتي بينڪ پاڪستان کي پنهنجي محدود ٽيڪس نيٽ کي وڌائڻ لاءِ چيو آهي، جڏهن ته بينڪ ملڪ جي آمدني جي انتظام جي نظام کي جديد بڻائڻ لاءِ اضافي 200 ملين ڊالر (تقريبن 554 ارب رپيا) قرض جو اعلان ڪيو آهي.










