نيويارڪ(ويب ڊيسڪ)گڏيل قومن جي ٻارن بابت اداري يونيسيف جي هڪ نئين رپورٽ موجب، 21 ملڪن ۾ انٽرنيٽ استعمال ڪندڙ لڳ ڀڳ 2 ڪروڙ ٻار هڪ ئي سال دوران ڊجيٽل پليٽ فارمن تي جنسي استحصال يا جنسي زيادتي جو شڪار ٿيا، جن مان گهڻا واقعا سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تي پيش آيا.
يونيسيف جي رپورٽ موجب، آفريڪا، ايشيا، لاطيني آمريڪا ۽ اوڀر يورپ جي ملڪن ۾ 12 کان 17 ورهين جي عمر وارن پنجن مان هڪ کان وڌيڪ ٻار سروي کان اڳ واري هڪ سال دوران آن لائين پليٽ فارمن تي جنسي زيادتي يا استحصال جي گهٽ ۾ گهٽ هڪ صورت جو شڪار ٿيا.
رپورٽ موجب، جن ملڪن ۾ سروي ڪئي وئي، اتي لڳ ڀڳ 1 ڪروڙ 50 لک ٻارن کي بنا خواهش جي جنسي نوعيت جو مواد ڏسڻو پيو، جڏهن ته 90 لک ٻارن تي جنسي نوعيت جون ڳالهيون ڪرڻ يا جنسي تصويرون شيئر ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو.
ان کان علاوه، لڳ ڀڳ 40 لک ٻارن جون جنسي نوعيت جون تصويرون سندن رضامندي کان سواءِ ٻين سان شيئر ڪيون ويون.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته عالمي سطح تي اهڙي زيادتي ۽ استحصال جو شڪار ٿيندڙ ٻارن جو انگ يقيني طور تي ڪيترن ئي ڪروڙن تائين پهچي ٿو.
يونيسيف هن تحقيق کي پنهنجي نوعيت جي سڀ کان وڏن مطالعي مان هڪ قرار ڏنو آهي. اها تحقيق 2020ع کان 2025ع دوران 21 ملڪن ۾ لڳ ڀڳ 21 هزار انٽرنيٽ استعمال ڪندڙ ٻارن کان ورتل قومي نمائنده سروي تي ٻڌل آهي.
سروي ۾ پاڪستان، ڪينيا، برازيل ۽ سربيا سميت 21 ملڪ شامل هئا.
گهڻا واقعا سوشل ميڊيا تي پيش آيا
رپورٽ موجب، جنسي استحصال يا زيادتي جي رپورٽ ٿيل واقعن مان لڳ ڀڳ 60 سيڪڙو سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تي پيش آيا.
انهن پليٽ فارمن ۾ فيس بڪ، واٽس ايپ، انسٽاگرام، سنيپ چيٽ ۽ ٽڪ ٽاڪ نمايان رهيا.
جڏهن ته 14 سيڪڙو واقعا آن لائين گيمنگ پليٽ فارمن تي پيش آيا.
ميٽا، جنهن جي ملڪيت ۾ فيس بڪ، واٽس ايپ ۽ انسٽاگرام شامل آهن، جي هڪ ترجمان چيو ته سروي جو ڊيٽا 2020ع تائين پراڻو آهي، يعني ان وقت کان اڳ جو ڪمپني يونيسيف جي سفارش ڪيل ڪجهه حفاظتي قدم متعارف ڪرايا.
ترجمان موجب، ڪمپني هاڻي نوجوانن جا اڪائونٽ پاڻمرادو خانگي (پرائيويٽ) رکڻ ۽ اهڙن بالغن کي نوجوانن سان پيغام موڪلڻ کان روڪڻ جهڙا قدم کنيا آهن، جن سان سندن ڪو رابطو موجود ناهي.
ميٽا اهو به چيو ته هو واٽس ايپ کي سوشل ميڊيا نه، پر هڪ خانگي پيغام رساني واري ايپ سمجهي ٿو.
ميٽا جي ترجمان چيو: ”جيتوڻيڪ رپورٽ ۾ زيادتي جي ڪنهن مخصوص واقعي جو ثبوت پيش نه ڪيو ويو آهي، پر اسان پنهنجين ايپس تي ٻارن جي استحصال خلاف سختي سان ڪارروائي جاري رکنداسين ۽ انهن ڏوهارين خلاف ڪارروائي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان سهڪار ڪندا رهنداسين.“
سنيپ چيٽ رائٽرز کي پليٽ فارم سيفٽي جي عالمي سربراهه جيڪولين بيوچير جي هڪ بلاگ پوسٽ ڏانهن موڪليو، جنهن ۾ چيو ويو هو ته ڪمپني آن لائين جنسي بليڪ ميلنگ خلاف سرگرمي سان ڪارروائي ڪري رهي آهي.
هن چيو ته ڪمپني اڳواٽ سڃاڻپ واري نظام، اڪائونٽ ختم ڪرڻ، صارفين جي رپورٽنگ اوزارن ۽ ڪمزور يا خطري ۾ موجود صارفين جي تحفظ لاءِ خاص حفاظتي خاصيتن ذريعي اهڙن ڏوهن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.
ٽڪ ٽاڪ چيو ته هن نابالغن جي تحفظ لاءِ ڪيترائي حفاظتي انتظام ڪيا آهن، جن ۾ ننڍي عمر وارن صارفين لاءِ ڪجهه خاصيتن تي پابندي، 18 ورهين کان گهٽ عمر وارن جا اڪائونٽ پاڻمرادو پرائيويٽ رکڻ ۽ ممڪن طور نقصانڪار يا شڪاري روين کي سڃاڻڻ لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال شامل آهي.
اڌ کان وڌيڪ ڏوهاري ٻارن جا سڃاڻپ وارا هئا
يونيسيف جي رپورٽ موجب، اڌ کان وڌيڪ واقعن ۾ مبينا ڏوهاري اهڙا ماڻهو هئا، جن کي ٻار اڳ ۾ سڃاڻندا هئا. انهن ۾ دوست، مائٽ يا محبت وارا ساٿي شامل هئا. جڏهن ته 38 سيڪڙو ٻارن جو مبينا ڏوهاري سان پهريون رابطو آن لائين ٿيو.
تحقيق موجب، ٻارن سان لاڳاپيل اهڙن واقعن مان هڪ سيڪڙو کان به گهٽ ڪيس پوليس، سوشل ورڪر يا هيلپ لائين کي رپورٽ ڪيا ويا.
مصنوعي ذهانت بابت به وڌندڙ خدشا
رپورٽ ۾ مصنوعي ذهانت (AI) جي وڌندڙ استعمال بابت پڻ ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي آهي.
جن نون ملڪن مان ڊيٽا گڏ ڪئي وئي، اتي اندازي موجب 11 لک ٻارن ٻڌايو ته سندن نالي يا شڪل سان مصنوعي ذهانت ذريعي جنسي نوعيت جون جعلي تصويرون يا وڊيوز تيار ڪيون ويون.
تحقيق موجب، ٽيڪنالاجي ذريعي ٿيندڙ جنسي استحصال جو شڪار ٿيندڙ ٻارن ۾ خودڪشي بابت سوچڻ يا پاڻ کي نقصان پهچائڻ جو امڪان ٻين ٻارن جي ڀيٽ ۾ لڳ ڀڳ چار ڀيرا وڌيڪ هو.
انهن ٻارن ۾ پريشاني ۽ ذهني دٻاءُ جي سطح پڻ پنهنجي ساٿين جي ڀيٽ ۾ نمايان طور وڌيڪ ڏٺي وئي.
يونيسيف جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڪيٿرين رسل هڪ بيان ۾ چيو: ”اهي تجربا ٻارن کي انتهائي گهرو جذباتي ۽ ذهني نقصان پهچائين ٿا. ڪيترائي ٻار خاموشي سان تڪليف برداشت ڪن ٿا ۽ کين خبر ناهي هوندي ته مدد لاءِ ڪيڏانهن رجوع ڪن.“
يونيسيف حڪومتن ۽ ٽيڪنالاجي ڪمپنين تي زور ڏنو ته هو ڊجيٽل پليٽ فارمن تي حفاظتي انتظام وڌيڪ مضبوط ڪن.
اداري چيو ته قانونن کي به جديد بڻائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن مصنوعي ذهانت ذريعي تيار ڪيل مواد سميت جنسي زيادتي ۽ استحصال جي نون ۽ تبديل ٿيندڙ طريقن کي منهن ڏئي سگهجي.
يونيسيف ٻارن جي تحفظ ۽ اهڙن واقعن جي رپورٽنگ واري نظام کي پڻ وڌيڪ موثر ۽ مضبوط بڻائڻ جو مطالبو ڪيو.










