دادلغاري(نديم مھر) فوجي فائونڊيشن پاور پلانٽ انتظاميه جو مقامي ماڻهن سان ڪلور جاري آهن جڏهن ته انتظاميه بنا جواز 40 کان وڌيڪ مزدورن کي جبري طور برطرف ڪري ڇڏيو هو جنهن بعد فوجي فائونڊيشن ڪمپني جي اهڙي پاليسي خلاف مزدورن جو 15 ڏينهن کان پاور پلانٽ جي مک گيٽ اڳيان احتجاجي ڪئمپ جاري آھي پر ان باوجود تڪ جو ڪو به چونڊيل نمائندو مزدورن کي بحال ڪرائڻ لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو جنهن سبب مزدور بحالي تائين احتجاجي ڪئمپ ڪمپني جي مک گيٽ اڳيان جاري رکڻ جو چتاءُ ڏنو آھي. هوڏانهن احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري ويٺل مزدورن آفتاب لکڻ، دين محمد لکڻ، ظھور احمد پتافي، نبي بخش مھر، عبدالحفيظ لکڻ، مشتاق احمد لکڻ ۽ ٻين چيو ته فوجي فائونڊيشن ڪمپني انتظاميا طرفان اسان کي بحال نه ڪرڻ جو مقصد صرف ڌارين کي ڀرتي ڪرڻ آھي 40 مزدورن کي بلا جواز برطرف ڪري وڏو ظلم ڪيو آھي. هنن چيو ته اسان کي پنهنجي تڪ جي چونڊيل نمائندن مٿان افسوس ٿي رهيو آھي جيڪي اسان مسڪين مزدورن جي حقن لاءِ آواز نٿا اوٿارين ضلع گهوٽڪي جي چونڊيل نمائندن سردار خالد خان لنڊ، عبدالباري پتافي، محمد بخش خان مهر ڪمپني انتظاميا سان اسان جي بحالي لاءِ آواز کڻن ته ڪمپني اسان کي بحال ڪندي. مزدورن چتاءُ ڏيندي چيو ته اسان بحال نه ٿيا سين ته اسان پنهنجي مرڻ گهڙي تائين ڪمپني جي مک گيٽ اڳيان ڪئمپ قائم ڪري ويٺل رهنداسين.










