خلائي دوربين ڪائنات ڏانهن رواني، نين دريافتن جي اميد

خلائي دوربين ڪائنات ڏانهن رواني، نين دريافتن جي اميد

ڪراچي(ايڊيٽر ڊيسڪ)هڪ وڏي آبزرويٽري، جنهن کي سائنسدانن ”ڊسڪوري مشين“ قرار ڏنو آهي، خلا ڏانهن رواني ٿي وئي آهي. ان جو هي سفر ڪائنات بابت اسان جي سمجهه ۾ اهم تبديلي آڻيندو.
عام دوربينن لاءِ تقريباً نظر نه ايندڙ ۽ تمام ڊم يا گهٽ روشن خلائي شين کي ڳولڻ لاءِ تيار ڪيل ناسا جي ’نينسي گريس رومن اسپيس ٽيلي اسڪوپ‘ آچر ڏينهن اوڀر آمريڪي وقت موجب صبح 7:26 وڳي فلوريڊا جي ڪينيڊي اسپيس سينٽر تان اسپيس ايڪس جي فالڪن هيوي راڪيٽ ذريعي خلا ڏانهن رواني ٿي. تقريباً 10 منٽن کان پوءِ رصدگاهه يا آبرويٽري خلائي مدار ۾ پهچي وئي.
ايندڙ پنجن سالن دوران هن بس جيتري وڏي دوربين جون مشاهدي واريون سرگرميون ڊارڪ انرجي جهڙن پراڻن ڪائناتي اسرارن جا جواب ڳولڻ ۾ مدد ڪري سگهن ٿيون. ڊارڪ انرجي ڪائنات جي تيزيءَ سان وڌندڙ ۽ حيران ڪندڙ ڦهلاءَ جو سبب بڻجندڙ قوت سمجهي وڃي ٿي، جڏهن ته ڊارڪ ميٽر ڪائنات کي ڍانچو فراهم ڪري ٿو پر اڃا تائين سڌيءَ طرح نظر نه آيو آهي.
رومن دوربين فلڪياتدانن کي اڳ ۾ نه ڏٺل ڪهڪشائن ۽ ايگزوپلانيٽس يعني اسان جي شمسي نظام کان ٻاهر موجود ستارن جي چوڌاري گردش ڪندڙ سيارن کي ڳولڻ جي قابل بڻائي سگهي ٿي. اها اهڙن آزاد گهمندڙ سيارن کي پڻ ڳولي سگهي ٿي، جيڪي ڪنهن به ستاري جي چوڌاري گردش نٿا ڪن.
ناسا جي سربراهه جيئرڊ آئزڪمين 21 اپريل تي ميري لينڊ جي گوڊارڊ اسپيس فلائيٽ سينٽر ۾ مڪمل ٿيل دوربين جي نمائش دوران چيو هو: ”رومن ڌرتيءَ کي ڪائنات جو هڪ نئون نقشو فراهم ڪندي.“
رومن دوربين جي آسماني سروي ڪرڻ جي صلاحيت هبل اسپيس ٽيلي اسڪوپ کان 1,000 ڀيرا وڌيڪ تيز آهي. اها اهڙي نوعيت جا سائنسي مشاهدا رڪارڊ ڪندي، جيڪي هبل يا جيمز ويب اسپيس ٽيلي اسڪوپ مان ممڪن ناهن.
ناسا جي سائنس مشن ڊائريڪٽوريٽ جي ايسوسيئيٽ ايڊمنسٽريٽر ڊاڪٽر نڪي فاڪس چيو ته ٽيئي مشن هڪ ٻئي جي صلاحيتن کي مڪمل ڪندا، جنهن سان سائنسدانن کي ڪائنات جي وڌيڪ مڪمل تصوير حاصل ٿيندي ۽ ان بابت سندن سمجهه ۾ واڌ ٿيندي.
رومن دوربين ڪٿي ويندي؟
رومن کي پنهنجي آخري مداري جاءِ تائين پهچڻ ۾ لڳ ڀڳ ٽي مهينا لڳندا. اها جاءِ ڌرتيءَ کان تقريباً 10 لک ميل (16 لک ڪلوميٽر) پري ليگرانج پوائنٽ 2 يا L2 تي آهي.
جيمز ويب اسپيس ٽيلي اسڪوپ پڻ هن ئي مدار ۾ موجود آهي، جتي ڌرتي ۽ سج جي ڪششِ ثقل خلائي جهازن کي متوازن رکندي آهي. ناسا موجب L2 ڌرتيءَ کان چنڊ جي ڀيٽ ۾ تقريباً چار ڀيرا وڌيڪ پري آهي.
ان دوران رصدگاهه جي ڪميشننگ ڪئي ويندي، يعني خلا ۾ ان جي اوزارن کي آزمايو ويندو ۽ اهڙو اينٽينا لڳايو ويندو، جيڪو رومن طرفان موڪليل وڏي مقدار واري تصويري ڊيٽا کي ڌرتيءَ تائين پهچائيندو.
دوربين مان روزانو تقريباً هڪ ٽيرا بائيٽ ڊيٽا ڌرتيءَ ڏانهن موڪلڻ جي اميد آهي. گوڊارڊ جي رومن ٽيلي اسڪوپ جي انٽيگريشن ۽ ٽيسٽ سائنسدان جيريمي پرڪنز ان مقدار کي مثال ڏيندي چيو ته اهو ائين آهي، ڄڻ 10 لک ميل پري کان هڪ ئي ڏينهن ۾ 10 لک گانا اسٽريم ڪيا وڃن.
هن دوربين تي اندازاً 4.3 ارب ڊالر خرچ اچي رهيو آهي. ان جي تياري لڳ ڀڳ هڪ ڏهاڪي کان جاري هئي، جڏهن ته سائنسي برادري لاءِ اهو منصوبو تقريباً 16 سال اڳ اهم ترجيح بڻيو هو. دنيا جا سائنسدان رومن کان غير معمولي سائنسي دريافتن جون اميدون لڳائي رهيا آهن.
ناسا جي رومن پروگرام سائنسدان ڊومينڪ بينفورڊ چيو ته جڏهن اهڙو اوزار تيار ڪيو وڃي جيڪو اڳ موجود ڪنهن به اوزار کان بنيادي طور مختلف هجي، ته ان سان اهڙيون شيون دريافت ٿينديون آهن، جن جي موجودگي بابت اڳ ۾ ڄاڻ ئي نه هوندي آهي.
هن چيو ته رومن کي ”ڊسڪوري مشين“ بڻائڻ جو هڪ مقصد اهو به آهي ته انسانن کي ڪائنات کان اهڙا سوال پڇڻ جو رستو ملي، جن جو تصور اسان اڃا تائين به نه ڪيو آهي.
رومن کي مختلف ڇا بڻائي ٿو؟
ناسا جون خلائي دوربينون ڊگهي عرصي کان زندگي ۽ ڪائنات کي تبديل ڪندڙ سوالن جي ڳولا ڪنديون رهيون آهن. ناسا جي ايسٽروفزڪس ڊويزن جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر شان ڊوماگل-گولڊمين موجب، انهن صلاحيتن جو وڏو حصو ان سائنسدان جي نالي سان جڙيل آهي، جنهن جي نالي تي رومن دوربين رکيل آهي: ڊاڪٽر نينسي گريس رومن.
نينسي گريس رومن 1960ع واري ڏهاڪي ۾ ناسا جي پهريئن چيف آف ايسٽرونامي هئي. هن خلا مان فلڪياتي مشاهدي جو تصور اڳتي وڌايو ۽ اهو سمجهيو ته دوربينن کي ڌرتيءَ جي اهڙي فضا کان مٿي کڻي وڃڻ انتهائي فائديمند هوندو، جيڪا خلائي مشاهدي ۾ رڪاوٽ بڻجي ٿي. انهيءَ سبب هوءَ ”هبل اسپيس ٽيلي اسڪوپ جي ماءُ“ جي نالي سان مشهور ٿي.
ڊوماگل-گولڊمين چيو ته هر نئين خلائي دوربين سان اهڙيون صلاحيتون شامل ٿين ٿيون، جيڪي ان کان اڳ موجود نه هيون، ۽ اهڙي طرح نينسي رومن جي ورثي ۾ واڌ ٿيندي رهي ٿي.
رومن دوربين جون پهريون تصويرون جنوري ۾ اچڻ جي اميد آهي. ان کان پوءِ اها ڪائنات جا اهڙا وسيع سروي شروع ڪندي، جيڪي اڳ ڪڏهن نه ڪيا ويا آهن. ان جو وائڊ فيلڊ انسٽرومينٽ هبل جي ڀيٽ ۾ 100 ڀيرا وڌيڪ وسيع منظر ڏسي سگهي ٿو.
ڊوماگل-گولڊمين رومن جي صلاحيتن کي هڪ اهڙي دوربين سان ڀيٽيو، جيڪا هڪ ئي وقت سڄي ٻيلي جو وسيع منظر ۽ ان جي وڻن جا تيز تفصيل، جهڙوڪ پن ۽ پکي، ڏسي سگهي.
پر هن وضاحت ڪئي ته هتي ٻيلي جي ڳالهه نه ٿي رهي، بلڪه معلوم ڪائنات جي ڳالهه آهي، ۽ انهن پکين ۽ وڻن مان مراد سپرنووا، ڪهڪشائون، سيارا ۽ ستارا آهن.
رومن جي سينيئر پروجيڪٽ سائنسدان ڊاڪٽر جولي ميڪ اينري موجب، هي دوربين سائنسدانن کي مِلڪي وي ڪهڪشائن ۾ موجود سيارن جي تاريخ جو سڀ کان وڏو انگ شمارياتي سروي ڪرڻ جي قابل بڻائيندي.
ممڪن آهي ته اها اڳ ۾ اڻڄاتل ڏهن هزارين دنيائن کي ڳولي لهي ۽ اهو معلوم ڪرڻ ۾ مدد ڪري ته اسان جي شمسي نظام جهڙا نظام ڪائنات ۾ ڪيترا عام آهن.
ميڪ اينري چيو ته سائنسدان آسمان جي مختلف حصن کي بار بار ڏسندا رهندا ته جيئن رات جي آسمان ۾ اوچتو ظاهر ٿيندڙ نيون شيون ڳولي سگهجن. رومن جي وسيع پهچ کين عجيب، ناياب ۽ غير معمولي شين کي ڳولڻ جي قابل بڻائيندي.
انهن ”سوئيءَ“ جهڙين دريافتن ۾ انتهائي مدهم آزاد گهمندڙ سيارا ۽ شايد ننڍڙا، گهمندڙ بليڪ هولز به شامل ٿي سگهن ٿا. رومن شايد پهريون قطعي ثبوت پڻ فراهم ڪري سگهي ٿي ته ايگزو مونز، يعني ٻين شمسي نظامن جي سيارن جي چوڌاري گردش ڪندڙ چنڊ، واقعي موجود آهن.
ڪائناتي اسرارن جي جاچ
پنهنجي پنجن سالن جي مشن دوران رومن اربين ڪهڪشائن، هزارين ڦاٽندڙ ستارن (سپرنووا) ۽ ڏهين اربين ستارن جي دريافت ۾ مدد ڪندي، ناسا جي نڪي فاڪس موجب.
ستارن جا ڌماڪا ايتري تيزيءَ سان ٿيندا آهن جو اڪثر دوربينن جي نظر کان بچي ويندا آهن. پر ميڪ اينري موجب رومن جي وسيع منظر ڏسڻ واري صلاحيت هڪ ئي وقت ڪيترن اهڙن ڌماڪن کي ڏسي سگهي ٿي.
اهي سپرنووا ڪائناتي شمعن طور ڪم ڪري سگهن ٿا، جن جي مدد سان فلڪياتدان پراسرار قوت ڊارڪ انرجي جو مطالعو ڪري سگهن ٿا ۽ اهو سمجهي سگهن ٿا ته اها ڪائنات جي ڦهلاءَ جي رفتار ۾ واڌ ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ڪري ٿي.
1920ع واري ڏهاڪي ۾ فلڪياتدانن جارج لوميتر ۽ ايڊون هبل دريافت ڪيو ته ڪائنات پنهنجي وجود ۾ اچڻ کان وٺي، يعني لڳ ڀڳ 13.8 ارب سالن کان، ڦهلجي رهي آهي.
پر 1990ع واري ڏهاڪي ۾ شروع ٿيل تحقيق مان معلوم ٿيو ته لڳ ڀڳ 6 ارب سال اڳ ڪائنات جي ڦهلاءَ ۾ تيزي آئي، جنهن جو سبب اڃا تائين معلوم ناهي.
ڊارڪ انرجي جي مطالعي لاءِ رومن وڏي ڪائناتي فاصلن تي ڪششِ ثقل جي روشني کي موڙڻ واري اثر کي ماپيندي. ان عمل دوران اها ڊارڪ ميٽر جو ٽن پاسن وارو نقشو پڻ تيار ڪندي.
ڊارڪ ميٽر اڃا تائين سڌيءَ طرح دريافت نه ٿيو آهي، پر سائنسدانن جو خيال آهي ته ڪائنات جي ڪل مادّي جو لڳ ڀڳ 85 سيڪڙو ڊارڪ ميٽر تي مشتمل آهي. اهو ستارن ۽ ڪهڪشائن کي مستحڪم مدارن ۾ رکڻ ۾ مدد ڪري ٿو.
رومن ڪائنات ۾ ڪهڪشائن ۽ ڪهڪشائن جي مجموعن جي ورڇ جو نقشو تيار ڪندي ۽ ڊارڪ ميٽر جي ڪششِ ثقل سبب پيدا ٿيندڙ اثرن کي ڳوليندي.
ڊارڪ انرجي ۽ ڊارڪ ميٽر جي اصل حقيقت سمجهڻ سان فلڪياتدانن کي اهو معلوم ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي ته ڪائنات ڪهڙي شيءِ مان ٺهيل آهي، وقت سان گڏ ان جو ڦهلاءُ ڪيئن تبديل ٿيو آهي، ۽ ڇا ڪششِ ثقل بابت اسان جي موجوده سمجهه کان وڌيڪ ڪجهه موجود آهي.
ڊارڪ ميٽر ۽ ڊارڪ انرجي ڪائنات ۾ ڪهڪشائن ۽ ستارن جهڙين شين جي ورڇ ۽ حرڪت ۾ پڻ ڪردار ادا ڪن ٿا.
بينفورڊ چيو ته رومن اهڙيون ماپون ڪرڻ لاءِ تيار ڪئي وئي آهي، جيڪي اهو طئي ڪرڻ ۾ مدد ڏينديون ته ڪائنات جو ڪم ڪرڻ جو طريقو اسان جي موجوده تصور کان بنيادي طور مختلف ته ناهي.
رومن مان حاصل ٿيندڙ سموري ڊيٽا ڌرتيءَ تي پروسيس ٿيڻ سان گڏ عوام لاءِ دستياب ڪئي ويندي، جنهن سان سائنسدانن کي ڪائنات بابت ڪيترن ئي سوالن جا جواب ڳولڻ لاءِ تمام وڏو ڊيٽا ذخيرو ملندو.
بينفورڊ چيو ته ڪنهن مخصوص خلائي شئي ڏانهن دوربين جو رخ ڪرڻ بدران، رومن آسمان جي تمام وڏي حصي جو نقشو تيار ڪندي. ستارن جي ٺهڻ وارن علائقن، مرندڙ ستارن يا پري پري ڪهڪشائن ۾ دلچسپي رکندڙ هر شخص لاءِ گهربل شيون ان ڊيٽا ۾ اڳ ئي موجود هونديون.
زندگي جي ڳولا لاءِ نئون رستو
وائڊ فيلڊ انسٽرومينٽ کان علاوه، رومن ۾ هڪ ٽيڪنالاجي تجربو پڻ موجود آهي، جنهن کي ڪورونگراف (Coronagraph) چيو وڃي ٿو. ميڪ اينري ان کي اهڙي ٽيڪنالاجي قرار ڏنو آهي، جيڪا ڄڻ ته ”فزڪس سان جادو ڪرڻ“ جي برابر آهي.
فلڪياتدان ڪورونگراف استعمال ڪري ستارن جي انتهائي تيز روشني کي روڪيندا آهن، ته جيئن وڌيڪ باريڪ شيون ڏسي سگهجن، جهڙوڪ اهي سيارا جيڪي اسان جي سج کان سواءِ ٻين ستارن جي چوڌاري گردش ڪري رهيا هجن.
بينفورڊ وضاحت ڪئي ته جيڪڏهن اسان خلا ۾ تمام گهڻي پري کان ڌرتي ۽ سج کي ڏسون ته ٻئي شيون هڪ ٻئي جي تمام ويجهو نظر اينديون، پر سج جي انتهائي تيز روشني ڌرتيءَ کي لڪائي ڇڏيندي.
رومن پنهنجي ڪورونگراف کي سج جهڙي تيز روشني خلاف ڍال طور استعمال ڪري سگهي ٿي، جنهن سان ٻين ستارن جي چوڌاري اهڙا سيارا ڏسڻ ۽ سڃاڻڻ ممڪن ٿيندو، جيڪي ٻي صورت ۾ نظر اچڻ انتهائي ڏکيا آهن.
هي دوربين ٻين ستارن جي ويجهو مشتري جيتري يا ممڪنه طور زحل جيتري وڏي سياري جي روشني ڏسي سگهي ٿي. شايد اها انهن سيارن جي ڪڪرن جي مٿاڇري تان موٽندڙ روشني به محسوس ڪري سگهي.
هبل ۽ جيمز ويب ٻنهي وٽ ڪورونگراف موجود آهن، پر ناسا جي جيٽ پروپلشن ليبارٽري جي رومن جي ڊپٽي پروجيڪٽ سائنسدان برٽرينڊ مينيسن موجب، رومن جو تجرباتي ڪورونگراف اڳ ٺهيل ڪنهن به اهڙي اوزار کان 100 کان 1,000 ڀيرا وڌيڪ بهتر آهي.
مينيسن موجب هبل ۽ جيمز ويب جو ڪورونگراف هڪ غير متحرڪ نظام آهي، جڏهن ته رومن جو ڪورونگراف فعال نظام آهي.
ڪائناتي جهاز ۾ ٿيندڙ وائبريشن، تبديلي، حرارتي شعاعن يا ٻين غلطين کي درست ڪرڻ لاءِ رومن جي ڪورونگراف ۾ اهڙا آئينا لڳل آهن، جيڪي حقيقي وقت ۾ پنهنجي شڪل تبديل ڪري سگهن ٿا ۽ انتهائي درستگي برقرار رکن ٿا.
جيڪڏهن ڪورونگراف توقع مطابق ڪم ڪري ٿو ته اهو مستقبل جي وڌيڪ جديد خلائي رصدگاهن لاءِ رستو هموار ڪري سگهي ٿو.
ڊوماگل-گولڊمين رومن جي صلاحيت کي مثال ڏيندي چيو ته تصور ڪريو ڄڻ ملڪ جي ٻئي ڇيڙي کان هڪ تيز روشنيءَ جي ڀرسان موجود هڪ ننڍڙي جگنو جي تصوير ڪڍي وڃي.
ان کان به ڏکيو ڪم اهو هوندو ته جگنو جي پنهنجي روشني کان سواءِ صرف ان جي اونداهي جسم تان موٽندڙ تيز روشني ڏسي سگهجي.
هن چيو ته جيڪڏهن رومن اهو ٻيو ڪم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿي، جنهن طرف وڃڻ لاءِ اها هڪ اهم ڏاڪي طور ڪم ڪري رهي آهي، ته ان کان پوءِ ناسا پنهنجي ايندڙ وڏي رصدگاهه هيبيٽيبل ورلڊز آبزرويٽري (Habitable Worlds Observatory) تيار ڪري سگهندي.
هن وقت هي مشن صرف هڪ تصور آهي. هيبيٽيبل ورلڊز آبزرويٽري پهرين اهڙي رصدگاهه يعني آبزرويٽري هوندي، جيڪا ڌرتي جهڙن سيارن جون تصويرون ڪڍڻ ۽ انهن جي فضا ۾ زندگيءَ سان لاڳاپيل ڪيميائي نشانين جي ڳولا لاءِ تيار ڪئي ويندي.
بينفورڊ چيو: ”اسان رومن سان اتي نه پهچنداسين، پر رومن جي ڪري اتي ضرور پهچنداسين.“
(نوٽ هي خبر سي اين اين جي ٿورن سان اسين پنهنجي پڙهندڙن لاءِ پيش ڪريون ٿا. ايڊيٽر)

پهنجو تبصرو موڪليو