زال سان زوري سيڪس، مڙس کي 10 سال قيد

زال سان زوري سيڪس، مڙس کي 10 سال قيد

لاهور(ويب ڊيسڪ) خاص اينٽي ريپ عدالت مڙس کي زال سان غير فطري طريقي سان زبردستي سيڪس جي الزام ۾ 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج/اسپيشل ڪورٽ (اينٽي ريپ) جي جج ظفر ياب چڍڙ طرفان جاري ڪيل سزا تي عملدرآمد واري وارنٽ موجب، ڏوهاري محمد فاروق خلاف ڪاهنه ٿاڻي تي پاڪستان پينل ڪوڊ جي سيڪشن 376 تحت ڪيس داخل ڪيو ويو هو.
ڪاهنه پوليس جوابدار محمد فاروق خلاف پنهنجي زال کي مسلسل جنسي زيادتي جو نشانو بڻائڻ جي الزام ۾ ڪيس داخل ڪيو هو. ان زيادتي سبب عورت کي جسم جي اندروني حصن ۾ شديد زخم رسيا، جنهن لاءِ کيس هنگامي بنيادن تي آپريشن ڪرائڻو پيو. هي ڪيس متاثره عورت جي والد داخل ڪرايو هو.
ڪيس جي شروعات ۾ پاڪستان پينل ڪوڊ جي سيڪشن 377 (غير فطري جنسي ڏوهه) ۽ سيڪشن 376 (ريپ) تحت ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي هئي. وڌيڪ جاچ کان پوءِ الزام ۾ ترميم ڪئي وئي ۽ سيڪشن 377 ختم ڪيو ويو.
عدالت ڏوهاري خلاف سيڪشن 376 تحت مقدمو هلائي کيس 10 سال سادي قيد ۽ 50 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي. ڏنڊ ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ وڌيڪ ڇهه مهينا قيد ڀوڳڻو پوندو.
عدالت ضابطه فوجداري جي سيڪشن 544-A تحت متاثر عورت کي 3 لک رپيا معاوضو پڻ ڏيڻ جو حڪم ڏنو.
28 آگسٽ تي جاري ڪيل وارنٽ ۾ ڪوٽ لکپت سينٽرل جيل جي سپرنٽينڊنٽ کي هدايت ڪئي وئي ته ڏوهاري کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ۽ قانون موجب سندس سزا تي عمل ڪرائي. جوابدار جي سهري ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو هو ته سندس ڌيءَ جي 23 فيبروري 2025 تي شادي ٿي ۽ پهرين رات ئي نشو ڪري سيڪس پلز استعمال ڪري سندس مڙس غير فطري طريقي سان سيڪس ڪئي، منع ڪرڻ باوجود به هو نه مڙيو. جڏهن سندس ڌيءَ جي طبيعت خراب ٿي وئي ته هن نجي طور سندس علاج ڪرايو، ميڊيڪل رپورٽ موجب سندس وڏو آنڊو ڦاٽي پيو هو ۽ ٽورو پٺيان بدران اڳئين عضوي مان اچڻ لڳو هو، جنهن بعد سندس آپريشن ٿي هئي. هي ڪيس مئي 2025 ۾ داخل ٿيو هو ۽ ان کان اڳ طلاق ٿي وئي هئي. پراسيڪيوٽر محمد رضوان چيو ته 21 مئي 2025 تي جڏهن جوابدار تي فرد جرم لاڳو ٿي هئي ته هن صحت جرم کان انڪار ڪيو هو. پر ميڊيڪل رپورٽس ۾ واضح ۽ ٺوس ثبوت موجود هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو