قومي اسيمبلي ۾ عمر ايوب جي تقرير تي پيپلزپارٽي جو هنگامون

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي اجلاس ۾ وفاقي وزير توانائي عمر ايوب جي تقرير دوران اپوزيشن جماعت پيپلزپارٽي ۽ حڪومتي ميمبر آمهون سامهون ٿي ويا ۽ وڏو هنگامون مچي ويو. اجلاس ۾ عمر ايوب پنهنجي تقرير دوران چيو ته هڪ صدر هيو جو مسٽر ٽين پرسنٽ جي نالي سان مشهور ٿيو جنهن تي پيپلزپارٽي جا ميمبر مڇرجي پيا ۽ سيٽن تان اٿي هنگامون شروع ڪري ڏنو. ان دوران وزير آغا رفيع کي روڪڻ لاءِ اڳتي وڌيا ته هڪ ٻئي کي گٿا لفظ ڳالهائڻ لڳا جنهن کان پوءِ اپوزيشن جماعت جي ميمبرن ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي اڇلائي ڇڏيون. عمر ايوب چيو ته مان ته ڪنهن جو به نالو ناهي کنيو جنهن تي پيپلزپارٽي ميمبر ايوب ڊڪٽيٽر مرده باد جا نعرا هڻڻ لڳا. قومي اسيمبلي ۾ ڇڪتاڻ ۽ هنگامو وڌي وڃڻ ڪري ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري اجلاس سڀاڻي صبح 11 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو