3 مهينن اندر ڪراچي سرڪلر ريلوي مڪمل بحال ڪيو وڃي؛ عدالت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ 3 مهينن ۾ ڪراچي سرڪلر ريلوي کي مڪمل آپريشنل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. چيف جسٽس گلزار احمد سپريم ڪورٽ ۾ ريلوي خساري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.ريلوي جو وزير شيخ رشيد احمد ۽ وزير منصوبابندي اسد عمر عدالت ۾ پيش ٿيا. چيف جسٽس گلزار احمد شيخ رشيد کي چيو ته بزنس پلان ۾ توهان سڀ ڪجهه چئي ڇڏيو اهو نه ٻڌايو آهي ته ان تي ڪڏهن ۽ ڪيئن عمل ٿيندو جنهن تي شيخ رشيد چيو ته جيڪو ڪم 70 سالن ۾ ناهي ٿيو اهو 12 ڏينهن ۾ ٿي ويو. چيف جسٽس چيو ته اسان توهان جو شڪر گذار آهيون اهو ڪم نه منهنجو آهي نه توهان پر اهو ڪم سڄي قوم لاءِ ٿي رهيو آهي. ايم ايل ون جي باري ۾ خبر پئي آهي ته ايليوٽيڊ ٽرين ٺاهي رهيا آهيو ريلوي جيڪڏهن پنهنجون 5 جائيدادون وڪڻي ڇڏي ته سڄو مسئلو حل ٿي ويندو. چيف جسٽس چيو ته ايم ايل ون وڏي ڪهاڻي آهي جنهن تي شيخ رشيد چيو ته 14 سالن بعد ايم ايل ون جو ٽينڊر ٿيو آهي پنج سالن ۾ ايم ايل ون مڪمل ڪيو ويندو، ڪراچي سرڪلر لاءِ گذريل رات به عمارتون ڪيرايون آهن سنڌ حڪومت به تعاون ڪري رهي آهي. چيف جسٽس چيو ته ڪراچي سرڪلر ريلوي سنڌ حڪومت کي ڇو ڏئي رهيا آهيو ان جو حال به ڪراچي ٽرانسپورٽ جهڙو ٿي ويندو اسان چاهيون ٿا ته سرڪلر ريلوي بعد ڪراچي ٽرام به توهان هلايو ڪنهن زماني ۾ ڪراچي ۾ ٽرام هلندي هئي، سرڪلر ريلوي کي سي پيڪ ۾ ڇو شامل ڪيو ويو. اسد عمر چيو ته معاشي صورتحال سبب ڪراچي سرڪلر ريلوي کي سي پيڪ ۾ شامل ڪيو آهي. سپريم ڪورٽ 1 مهيني ۾ ڪراچي سرڪلر ريلوي کي آپريشنل سرگرميون شروع ڪرڻ ۽ 3 مهينن ۾ سرڪلر ريلوي کي مڪمل آپريشنل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. جنهن تي اسد عمر چيو ته ايترو جلدي ڪيئن ٿي سگهندو، انفرااسٽرڪچر ٺاهڻ ۾ وقت لڳندو. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته پوءِ اها نه ڪرڻ واري ڳالهه آهي شين کي ڊيگهه نه ڏيو، ڪراچي سرڪلر ريلوي جي ايراضي محفوظ بڻائڻ جو حل اهو ئي آهي ته فوري طور انفر اسٽرڪچر وڇايو وڃي جنهن تي اسد عمر چيو ته سنڌ حڪومت کي حڪم جاري ڪيو جنهن تي چيف جسٽس چيو ته سنڌ حڪومت ڊليور نه ڪري سگهندي. عدالت ايم ايل ون منصوبو 2 سالن ۾ فعال ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ڏنل مدي اندر عمل نه ٿيو ته ان جا نتيجا خطرناڪ نڪرندا. عدالت طرفان ڏنل مدو ريلوي لاءِ چئلنج آهي جيڪڏهن عملي طور ممڪن ناهي ته پوءِ ريلوي کي بند ڪري ڇڏيو جنهن بعد ڪيس جي ٻڌڻي 21 فيبروري تي ڪراچي رجسٽري ۾ ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو