آءِ فون 18 پرو جي قيمت وڌيڪ هئڻ جو انڪشاف

آءِ فون 18 پرو جي قيمت وڌيڪ هئڻ جو انڪشاف

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ايپل جا نوان آءِ فون سيپٽمبر ۾ متعارف ڪرايا ويندا، بلومبرگ جي هڪ رپورٽ موجب، ايپل طرفان آءِ فون 18 پرو سيريز جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو ويندو.
ياد رهي ته ايپل طرفان سيپٽمبر ۾ آءِ فون 18 پرو، 18 پرو ميڪس ۽ ڪمپني جو پهريون فولڊ ايبل آءِ فون متعارف ڪرائڻ جو امڪان آهي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ايپل جا نوان فليگ شپ آءِ فون، گذريل سال جي پرو ماڊلز جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مهانگا هوندا.
ان کان اڳ گذريل سال ايپل آءِ فون 17 سيريز جي قيمتن ۾ اضافو ڪرڻ کان پاسو ڪيو هو.
رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته ايپل ٻين ڪمپنين پاران فونن جي قيمتن ۾ واڌ واري حڪمت عملي جو جائزو وٺي رهيو آهي.
ڪمپني طرفان ساڳي حڪمت عملي آءِ فون 18 پرو ماڊلز لاءِ اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ته جيئن پرزن جي قيمتن ۾ واڌ جو بار صارفين ڏانهن منتقل ڪري سگهجي.
هن وقت اهو چوڻ ڏکيو آهي ته ايپل قيمتن ۾ ڪيترو اضافو ڪندو، پر رپورٽ موجب ممڪن طور تي 100 ڊالر تائين واڌ ڪئي ويندي.
يعني آءِ فون 18 پرو جي شروعاتي قيمت 1,099 ڊالرن بدران 1,199 ڊالر ٿي سگهي ٿي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اهو اضافو ريم (RAM) ۽ ٻين چِپس جي قيمتن ۾ واڌ سبب ڪيو ويندو.
آءِ فون 18 پرو سيريز سان گڏ ايپل طرفان هن سال معياري آءِ فون 18 ۽ آءِ فون 18 ايئر پيش نه ڪيا ويندا.
مختلف ليڪس موجب، اهي ٻئي فون 2027ع جي شروعات ۾ ڪنهن وقت متعارف ڪرايا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو