اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان جي توانائيءَ واري شعبي جو گردشي قرض (Circular Debt) 5 هزار 286 ارب رپين تائين پهچي ويو آهي.ان مالي خساري ۾ گئس شعبي جو گردشي قرض 3 هزار 611 ارب رپيا ۽ بجليءَ واري شعبي جو گردشي قرض 1 هزار 675 ارب رپيا شامل آهي.عالمي مالياتي فنڊ (IMF) جو چوڻ آهي ته پاڪستان جو توانائيءَ وارو شعبو شديد مالي دٻاءُ جو شڪار آهي.










