ايران جنگ رستي جي معمولي رڪاوٽ آهي: ٽرمپ

ايران جنگ رستي جي معمولي رڪاوٽ آهي: ٽرمپ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران سان جنگ کي رستي جي معمولي رڪاوٽ قرار ڏئي ڇڏيو آهي.هن چيو ته جمعي جي رات آهي، وٽس تمام گهڻو وقت آهي. کيس هن وقت ڇا ڪرڻ گهرجي؟ ڇا واپس وڃي ايران تي ٿوري بمباري ڪرڻ گهرجي؟ ان کان اڳ ٽرمپ چيو هو ته ايران ڊيل چاهي ٿو پر درست ڊيل لاءِ تيار ناهي، ٻئي طرف ايران ٽرمپ جي بيان کي مايوسيءَ جو نتيجو قرار ڏنو، ايراني رهبرِ اعليٰ جي ويجهي ساٿي حسين طيب چيو ته ايران آمريڪا جي آڏو ڪڏهن به نه جهڪندو.ايران جي قومي سلامتي ڪائونسل جي سربراهه محسن رضائي ايران خلاف آمريڪا جي معاشي جنگ ۾ مدد ڪندڙ ملڪن جي مفادن کي نشانو بڻائڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو