ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جي تازو رٽائر ٿيل ايسوسيئيٽ پروفيسر جي ٻيهر مقرري خلاف داخل درخواست کي قابلِ سماعت نه هجڻ جي بنياد تي رد ڪري ڇڏيو.
درخواستگذار ڊاڪٽر ميمونه رحمان، جيڪا ساڳئي اداري ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر آهي، سنڌ ڪابينا جي 5 آگسٽ واري فيصلي ۽ ان کان پوءِ يونيورسٽيز اينڊ بورڊز ڊپارٽمينٽ پاران جاري ڪيل خط کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو، جنهن تحت ڊاڪٽر نگهت شاهه جي 10 آگسٽ تي ٻيهر مقرري بابت قدم کنيا ويا هئا.
سندس وڪيل ملڪ نعيم اقبال درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته سندس موڪل باقاعده مقرر ٿيل ايسوسيئيٽ پروفيسر آهي ۽ ساڳئي اسپيشلٽي ۾ ڪم ڪري رهي آهي، تنهنڪري ڊاڪٽر شاهه جي تڪراري ٻيهر مقرري سان هوءَ سڌي طرح متاثر ٿي آهي، ڇاڪاڻ ته ان سان پروفيسر جي عهدي تي سندس ترقي جي جائز اميد ۽ موقعا متاثر ٿين ٿا.
وڪيل وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ته ڊاڪٽر شاهه کي ٽن سالن لاءِ ٻيهر ملازمت يا ڪانٽريڪٽ تي رکڻ جو فيصلو سندس رٽائرمينٽ کان صرف ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ مخصوص شخص بابت ڪابينا جي فيصلي ذريعي ڪيو ويو، جيڪو غيرقانوني، قانوني اختيار کان سواءِ ۽ JSMU ايڪٽ 2013 ۽ ان تحت ٺاهيل قانونن جي ابتڙ هجڻ سبب بي اثر آهي.
هاءِ ڪورٽ ڪابينا جي فيصلن خلاف اپيلٽ فورم نٿي بڻجي سگهي
وڪيل جو چوڻ هو ته لاڳاپيل عهدو اڳ ئي اشتهار ذريعي خالي ظاهر ڪيو ويو هو ۽ مقابلي واري چونڊ جو عمل جاري هو، تنهنڪري خانگي ڌر کي ٻيهر ملازمت ڏيڻ لاءِ نه ڪا هنگامي ضرورت هئي ۽ نه ئي ڪا غير معمولي صورتحال موجود هئي. ان ڪري تڪراري قدم امتيازي ۽ ظاهري طور تي مختلف مقصد لاءِ کنيل هو.
جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ جي سربراهي ۾ ٻن ججن تي ٻڌل آئيني بينچ چيو ته هن آئيني درخواست جي آئين جي آرٽيڪل 199 تحت قابلِ سماعت هجڻ بابت درخواستگذار جي وڪيل جا دليل ٻڌا ۽ سندس مدد سان رڪارڊ جو جائزو ورتو.
عدالت چيو ته هاءِ ڪورٽ جي آئيني اختيار جو استعمال ان شرط سان مشروط آهي ته قانون تحت ڪو ٻيو مناسب ۽ مؤثر متبادل رستو موجود نه هجي.
عدالت وڌيڪ چيو ته درخواست هڪ متاثر ڌر طرفان داخل ڪئي وئي آهي، تنهنڪري درخواستگذار کي انهن ٻنهي قانوني رڪاوٽن کي پار ڪرڻو پوندو، ان کان علاوه ڪابينا جي فيصلي کي به چئلينج ڪيو ويو آهي، جيڪو پاليسي جو معاملو آهي.
عدالت چيو ته: ”جڏهن انهن مان ڪا به شرط پوري نه ٿئي ته هي عدالت درخواست ٻڌڻ جو اختيار نٿي رکي، جيستائين تڪراري حڪم کي بدنظمي يا بدنيتي تي ٻڌل ثابت نه ڪيو وڃي. موجوده معاملي ۾ ائين ناهي، ڇاڪاڻ ته فيصلو ڪابينا طرفان ڪيو ويو آهي.“
بينچ پنهنجي حڪم ۾ وڌيڪ چيو ته تڪراري مقرري بابت هدايتون صوبائي ڪابينا جي پاليسي فيصلي تحت جاري ڪيون ويون، جنهن معاملي تي وڏي عوامي مفاد ۽ ماهر طبي خدمتن جي تسلسل، علمي قيادت، پوسٽ گريجوئيٽ طبي تعليم، تحقيق ۽ اداري جي بهتر ڪارڪردگي کي يقيني بڻائڻ جي مقصد سان غور ڪيو هو.
عدالت جي حڪم ۾ چيو ويو: ”پاڪستان جي اسلامي جمهوريه جي 1973ع جي آئين جي آرٽيڪل 199 تحت آئيني اختيار استعمال ڪندي هاءِ ڪورٽ ڪابينا جي فيصلن خلاف اپيلٽ فورم طور ڪم نٿي ڪري سگهي، خاص طور تي اهڙن فيصلن جي صورت ۾ جيڪي انتظامي يا انتظاميا جي دائري ۾ اچن ٿا ۽ قانون ۾ مقرر طريقيڪار مطابق ڪيا وڃن ٿا.“
عدالت وڌيڪ چيو ته ان فيصلي جي بنياد تي يونيورسٽيز اينڊ بورڊز ڊپارٽمينٽ وائيس چانسلر کي هدايت ڪئي هئي ته هو لاڳو قانوني شقن ۽ PM&DC جي لاڳاپيل نوٽيفڪيشن تحت مقرر طريقيڪار مطابق ڊاڪٽر شاهه جي مقرري لاءِ ضروري ڪارروائي ڪري. عدالت موجب بظاهر اهو طريقيڪار اختيار نه ڪيو ويو هو.
بينچ چيو: ”5 آگسٽ 2026ع جو ڪابينا وارو فيصلو، جيتوڻيڪ عوامي مفاد ۽ اداري جي تسلسل بابت بيان ڪيل سببن تي ٻڌل هو، پر ان فيصلي پاڻمرادو جوابدار نمبر 6 [ڊاڪٽر شاهه] کي مقرر نه ڪيو هو، بلڪه سندس مقرري تي مقرر ڪيل طريقيڪار مطابق غور ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي.“
بينچ وڌيڪ مشاهدو ڪيو ته ان فيصلي سان JSMU ايڪٽ 2013، ان جي قانونن يا لاڳو ڀرتي واري فريم ورڪ جي گهرجن کي ختم نٿو ڪري سگهجي.
عدالت چيو ته اها ڳالهه وڌيڪ اهميت رکي ٿي، ڇاڪاڻ ته گائنيڪالوجي ۽ آبسٽيٽرڪس ۾ پروفيسر جي عهدي تي مقرري ۽ رٽائرمينٽ کان فوراً پوءِ وڌيڪ ٽن سالن لاءِ ٻيهر ملازمت ڏيڻ واري معاملي تي قانون موجب لاڳاپيل يونيورسٽي کي غور ڪرڻو پوندو.
بينچ درخواست کي شروعاتي مرحلي تي ئي رد (dismissed in limine) ڪندي چيو ته PM&DC جي نوٽيفڪيشن ۾ پڻ واضح طور تي شرط موجود آهي ته رٽائرڊ تدريسي عملي کي ڪانٽريڪٽ تي رکڻ سان موجوده تدريسي عملي جي ترقي جي موقعن يا ڪيريئر ۾ اڳتي وڌڻ جي امڪانن تي ناڪاري اثر نه پوڻ گهرجي. ياد رهي ته ڊاقڪٽر ناهيد شاهه سنڌ جي هڪ اڳوڻي وڏي وزير جي نياڻي آهي.










