اسلام آباد:( بيورو رپورٽ) عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) کي پرچائڻ جي لاءِ حڪومت هارين تي آمدني ٽيڪس لڳائڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي.حڪومت زرعي انڪم ٽيڪس جي معاملي تي آءِ ايم ايف کي پرچائڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن، جڏهن ته صوبن کان زرعي انڪم ٽيڪس جي وصولي جي حدف جي حوالي سان متبادل پلان جون تياريون به شروع ڪيون ويون آهن.ذريعن موجب صوبن کان زرعي انڪم ٽيڪس جي حوالي سان گوشوارن جو 30 سيپٽمبر تائين انتظار ڪيو ويندو. جيڪڏهن صوبا 30 سيپٽمبر تائين زرعي انڪم ٽيڪس ۽ انهي جي گوشوارن جو گهربل حدف حاصل نه ڪري سگهيا ته متبادل پلان تيار ڪيو ويندو.انهي سلسلي ۾ ذريعن جو چوڻ آهي ته آڪٽوبر ۾ صوبن سان زرعي انڪم ٽيڪس جي فڪس اسڪيم تي مشاورت ٿي سگهي ٿي، زرعي شعبي جي لاءِ فڪس ٽيڪس اسڪيم آندي وئي ته في ايڪڙ 5 هزار روپين تائين انڪم ٽيڪس لڳائڻ تي غور ڪيو ويندو.ذريعن موجب واپاري طبقي جيان هارين ۽ زميندارن کي به آڪٽوبر ۾ فڪس اسڪيم ڏئي سگهجي ٿي. ياد رهي ته آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته زرعي انڪم ٽيڪس جي وصولي ۾ مسلسل دير ٿي رهي آهي. معيشت ۾ زرعي شعبي جو حصو 24.5 سيڪڙو آهي، پر ٽيڪس ۾ زرعي شعبي جو حصو تمام گهٽ ۽ صرف 0.3 سيڪڙو آهي.










