جيري کي انساني جسم مان هفتو ٻاهر زندهه رکڻ بابت مشين تيار

زيورخ (ويب ڊيسڪ) سائنسدانن انساني جيري کي جسم کان هڪ هفتي تائين ٻاهر زندهه رکڻ بابت مشين ايجاد ڪري ورتي آهي. سوئيزلينڊ جي زيورخ يونيورسٽي جي ماهرن ان بابت ڪامياب تجربو ڪيو آهي ۽ ماهرن جو چوڻ آهي ته هي ميڊيڪل جي دنيا ۾ وڏو انقلاب آهي ان سان ڪيتريون ئي انساني جانيون بچائي سگهبيون. هن مشين ذريعي جيري ۽ ڪينسر جي مريضن کي وڏو فائدو ٿيندو. مختلف سرجنز، بايولوجسٽس ۽ انجنيئرز تي ٻڌل تحقيقاتي ٽيم جو چوڻ آهي ته هنن مشين جو نالو “لِور 4 لائف” رکيو ويو آهي. سندن چوڻ آهي ته هنن يورپ جي مختلف اسپتالن مان ناقابل استعمال جيرن جو عطيو ورتو جن کي نئين سر قابل استعمال بنائڻ جوڳو ڪري ڇڏيو. انهن جيرن کي تر ۽ تازو رکڻ واري هن ٽيڪنالوجي سبب سڄي دنيا کي فائدو ٿيندو. هن وقت تائين انساني جسم مان جيري کي 12 ڪلاڪ ٻاهر رکي سگهبو هو. هي مشين جيري مان پراڻي رت کي ٻاهر ڪڍي نئين رت شامل ڪري ٿي ۽ اهڙو ئي ڪم ڪري ٿي جيڪي انساني جسم ۾ ڪڊني يا بڪي ڪري ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو