آمريڪي فوجي اڏي تي حملو 2 فوت 6 زخمي

ڪابل (ويب ڊيسڪ)افغنستان جي صوبي ننگرهار ۾ آمريڪي فوجي اڏي تي فائرنگ ۾ 2 اهلڪار فوت ۽ 6 زخمي ٿي پيا آهن. حملو ڪندڙن کي افغان سيڪورٽي فورسز جي وردي پاتل هئي. آمريڪي فوج جي ترجمان ڪرنل سوني ليگيٽ ٻن فوجين جي مارجڻ جي تصديق ڪئي آهي. سندس چوڻ آهي ته حملي جو سبب ڪهڙو هو ان بابت جاچ ڪري رهيا آهيون. افغانستان جي پوليس چيف موجب 2019 جي آخري ٽماهي کان هن مهل تائين افغان فورسز آمريڪي اڏن تي 33 حملا ڪيا آهن جن ۾ 90 ماڻهو مارجي چڪا آهن. جڏهن ته سال 2019 دوران 82 حملن ۾ 172 قتل ۽ 76 زخمي ٿيا هئا. ياد رهي ته هن مهل 13 هزار آمريڪي فوجي افغانستان ۾ تعينات آهن ۽ 2001 کان آمريڪي ۽ سندن اتحادي فوجين جي آپريشن باوجود افغناستان جي وڏي حصي تي طالبان جو قبضو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو