عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ گھٽتائي

عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ گھٽتائي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ 1 ڊالر کان وڌيڪ نمايان گھٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي. عالمي بازار مان ملندڙ رپورٽن موجب برينٽ خام تيل جي قيمت ۾ 1 ڊالر 29 سينٽس، يعني 1.5 سيڪڙو گھٽتائي ٿي آهي، جنهن بعد برينٽ خام تيل هينئر 87 ڊالر 69 سينٽس في بيرل تي اچي ويو آهي.اهڙي طرح آمريڪي (WTI) خام تيل جي قيمت به 1 ڊالر 30 سينٽس، يعني 1.6 سيڪڙو گھٽجي 81 ڊالر 97 سينٽس في بيرل تائين پهچي وئي آهي. انرجي شعبي جي ماهرين موجب خام تيل جي قيمتن ۾ هن گھٽتائيءَ جو مک سبب سال 2026ع لاءِ عالمي سطح تي تيل جي گهرج ۽ تحريڪ ۾ گھٽتائي واري پيشنگوئي آهي. ماهرين چيو ته آمريڪا ۽ اسرائيل جي ايران خلاف هلندڙ طوفاني جنگ سبب عالمي گهرج متاثر ٿي رهي آهي، تاهم رسد ۾ حائل تحريڪ سبب قيمتن ۾ وڌيڪ ڪراوٽ في الحال محدود آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو