پيٽرول 94 پئسا سستو،  ڊيزل جي قيمت ۾ 54 پئسا واڌ

پيٽرول 94 پئسا سستو، ڊيزل جي قيمت ۾ 54 پئسا واڌ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ): حڪومت پاران پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جو باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.پيٽروليم ڊويزن پاران جاري ڪيل اعلاميه موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 94 پئسا في ليٽر گھٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن بعد پيٽرول جي نئين قيمت 324 روپيا 98 پئسا في ليٽر مقرر ٿي وئي آهي.ٻئي طرف هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في ليٽر قيمت ۾ 54 پئسا اضافو ڪيو ويو آهي، جنهن بعد ڊيزل جي نئين قيمت 382 روپيا 79 پئسا في ليٽر تائين پهچي وئي آهي. نوٽيفڪيشن موجب نئين قيمتن تي عملدرآمد فوري طور تي ناغذ العمل ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو