واشنگٽن (ويب ڊيسڪ): عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ مسلسل واڌ جو سلسلو جاري آهي، جنهن بعد تيل جون قيمتون 90 ڊالر في بيرل جي قريب پهچي ويون آهن. ميڊيا رپورٽن موجب عالمي مارڪيٽ ۾ برينٽ خام تيل جي قيمت ۾ 72 سينٽس جي واڌ ٿي آهي، جنهن کان پوءِ ان جي قيمت 89.63 ڊالر في بيرل تائين پهچي وئي آهي. اهڙي طرح آمريڪي خام تيل (WTI) جي قيمت به 71 سينٽس وڌي 83.91 ڊالر في بيرل ٿي وئي آهي. عالمي خابرو اداري موجب تيل جي قيمتن ۾ هيءَ تيزي آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ امن معاهدي واري امڪانن ۾ پيدا ٿيل غيريقيني صورتحال سبب سامھون آئي آهي










