ليسبن (نيوز ڊيسڪ): پرتگال سان تعلق رکندڙ دنيا جي ناميارو ۽ سپر اسٽار فٽبالر ڪرستيانو رونالڊو پنهنجي هٽي شريڪِ حيات جارجينيا روڊريگز سان باقاعده شاديءَ جي بندھن ۾ ٻڌجي ويو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب 41 ورھين جي رونالڊو ۽ 32 ورھين جي جارجينيا 11 آگسٽ تي پرتگال جي شهر ڪاسڪائس (Cascais) ۾ هڪ خانگي ۽ سادي تقريب دوران شادي ڪئي، جنهن ۾ سندن 5 ٻارن پڻ شرکت ڪئي. رونالڊو پاران سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل تصوير ۾ ٻنهي جا هٿ هڪ ٻئي جي هٿن ۾ آهن ۽ ٻنهي شاديءَ جون انگوسٽيون پاتل آهن. ياد رهي ته هيءَ شادي آگسٽ 2025ع ۾ جارجينيا پاران مڱڻيءَ جو اعلان ڪرڻ کان سڄو هڪ سال پوءِ عمل ۾ آئي آهي.










