سڊني (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا جي شهر ڪوئنس لينڊ جي ڳوٺ انگهم ۾ لکن جي تعداد ۾ لومڙ جي منهن جهڙا چمڙا يعني فلائنگ فاڪس پهچي ويا آهن جنهن سبب شهري بيحد پريشان آهن. شهرين جو چوڻ آهي ته ماڻهن جي آباد ي کان وڌيڪ چمڙن جي اچڻ سبب ماحول خراب ٿي ويو آهي، فضا ۾ شور، بدبوءِ ۽ گندگي ڦهلجي وئي آهي. شهرين حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته هو چمڙن کي ڀڄائڻ جو انتظام ڪن ڇو ته علائقي واسين جي زندگي عذاب آهي.ياد رهي ته آسٽريليا جي قانون موجب چمڙن کي ماري نٿو سگهجي. مقامي ڪائونسل جو چوڻ آهي ته هو چمڙا ڀڄائڻ لاءِ انتظام ڪري رهيا آهن. مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي جڏهن چمڙا اڏامن ٿا ته آسمان تي ڄڻ ته ڪڪر ڇائنجي وڃي ٿو. ياد رهي ته هي چمڙا انسانن کي نقصان ناهن پهچائيندا.










