ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ پيپلز پارٽي جي قومي اسيمبلي ميمبر شازيه مري جي خلاف مبينه جعلي ڊگري تي نااهلي جي درخواست جو فيصلو 13 سالن کان پوءِ ٻڌائي ڇڏيو.عدالت درخواست نه ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي ۽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته آئين جي تحت پارليامينٽ ميمبر کي نااهل قرار ڏيڻ جو اختيار هاءِ ڪورٽ کي حاصل نه آهي.درخواستگذار جي وڪيل جو چوڻ هو ته شازيه مري هڪ جهڙي نالي واري شاگردياڻي جي 2002 جي ڊگري پنهنجي لاءِ استعمال ڪئي جنهن تي عدالت چيو ته اهڙي نوعيت جو اعتراض 2018 جي چونڊن ۾ اليڪشن ٽربيونل جي سامهون به اٿاريو ويو هو، اليڪشن ڪميشن 2022 ۾ ڊگري بابت اعتراض رد ڪري ڇڏيو هو.عدالت قرار ڏنو ته اليڪشن ٽربيونل جي فيصلي تي سپريم ڪورٽ ۾ داخل اپيل 2023 ۾ واپس وٺڻ تي خارج ڪئي وئي. شازيه مري جي وڪيل جو چوڻ هو ته ڊگري جو معاملو اليڪشن ڪميشن جي سامهون شاهدين سان بحث هيٺ اچي چڪو آهي. اليڪشن ڪميشن شازيه مري جي ڊگري بابت درخواست اڳ ئي رد ڪري چڪو آهي.سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو ته آئين جي تحت ڪنهن شخص کي سچو ۽ امين قرار ڏيڻ جو اختيار عدالتي ٽربيونلز وٽ نه آهي، ڪنهن شخص کي نااهل قرار ڏيڻ جي لاءِ صرف آئيني درخواست ڪافي نه هوندي آهي، سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي روشني ۾ درخواست ٻڌڻ جوڳي نه آهي.










