اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نون ججن جي تعيناتي واري سمرري منظور نہ ٿيڻ تي سخت برهميءَ جو اظهار ڪندي صدر مملڪت ۽ وزيراعظم کي سيڪريٽرين ذريعي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. جسٽس ارباب محمد طاهر وفاقي حڪومت جي غيرسنجيدگيءَ تي ڏوهاريندي چيو ته 18 ڏينهن گزرڻ بعد به سمرريءَ کي ائين روڪي نٿو سگهجي. عدالت وفاقي حڪومت ۽ قانون واري وزارت کان جواب طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.










