نياڻيءَ سان زيادتي ڪندڙ جوابدار جي سزا خلاف اپيل رد

نياڻيءَ سان زيادتي ڪندڙ جوابدار جي سزا خلاف اپيل رد

ڪراچي (رپورٽر): سندھ هاءِ ڪورٽ 11 سالن جي معصوم نياڻيءَ سان زيادتي ڪرڻ والے مجرم نور محمد جي سزا خلاف داخل اپيل رد ڪري ڇڏي آهي. عدالت ٽرائل ڪورٽ پاران مجرم کي ٻڌايل عمر قيد جي سزا کي برقرار رکڻ جو حڪم ڏنو. پراسيڪيوشن موجب مجرم 2010ع ۾ مڇر ڪالوني واري علائقي ۾ نياڻيءَ سان زيادتي ڪئي هئي ۽ مٿس ٺوس شواهد موجود آهن، جنهن سبب ٽرائل ڪورٽ جي فيصلي ۾ ڪو به قانوني نقص ناهي. مجرم جي وڪيل موقف اختيار ڪيو هو ته ٽرائل ڪورٽ جي فيصلي ۾ قانوني تقاضائون پوريون ناهن ڪيون ويون، پر عدالت پراسيڪيوشن جي دلائل ۽ ثبوتن کي مدنظر رکندي مجرم جي اپيل کي خارج ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو