دنيا ۾ آمريڪا جو سڀ کان وڌيڪ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو، چين ۽ يورپ سرپلس

دنيا ۾ آمريڪا جو سڀ کان وڌيڪ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو، چين ۽ يورپ سرپلس

ڪراچي(ايڊيٽر ڊيسڪ)اسان جي تازي ايڪسٽرنل سيڪٽر بابت رپورٽ موجب، گذريل سال چين جو ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس (وڌيڪ بچت) ۾ لڳ ڀڳ 300 ارب آمريڪي ڊالرن جو اضافو ٿيو، جيڪو گهٽ ۾ گهٽ سال 2000ع کان پوءِ مطلق انگن اکرن موجب سڀ کان وڏو اضافو آهي. اهو عالمي مجموعي گهريلو پيداوار (GDP) جي لڳ ڀڳ 0.6 سيڪڙو جي برابر ٿي ويو.
ٻئي طرف، آمريڪا جي ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ 69 ارب ڊالرن جي گهٽتائي آئي، پر ان جي باوجود آمريڪا جو خسارو دنيا ۾ سڀ کان وڏو رهيو، جيڪو عالمي GDP جي لڳ ڀڳ 0.9 سيڪڙو جي برابر هو، ۽ اهو چين ۽ يورو زون جي گڏيل سرپلس کان به وڌيڪ هو.
عالمي ڪرنٽ اڪائونٽ بيلنسز ۾ واڌ اهڙي وقت ٿي آهي، جڏهن عالمي واپاري ڇڪتاڻ وڌيل آهي ۽ آمريڪا پنهنجي واپاري پاليسي ۾ وڏيون تبديليون آنديون آهن.
تاريخي طور، ماضي ۾ لاڳو ڪيل واپاري رڪاوٽن جو مجموعي ڪرنٽ اڪائونٽ تي ڪو واضح اثر نه رهيو آهي. تازن قدمن جي اثرن جو جائزو وٺڻ ڏکيو آهي، ڇاڪاڻ ته ان سان گڏ ٻيا عنصر، جهڙوڪ مصنوعي ذهانت (AI) جي تيز ترقي، به اثرانداز ٿي رهيا آهن.
بهرحال، اهو واضح آهي ته واپاري رڪاوٽن سبب عالمي واپار جو نقشو وڏي حد تائين تبديل ٿيو آهي. آمريڪا جون چين مان درآمدون تيزي سان گهٽيون آهن، جڏهن ته دنيا جي ٻين ملڪن مان درآمدن ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي.
حد کان وڌيڪ عدم توازن
هر ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس يا خسارو ڳڻتي جو سبب ناهي. حقيقت ۾، ملڪ مختلف جائز سببن جي ڪري هڪ ٻئي کان قرض وٺندا ۽ ڏيندا آهن، جيڪو سامان ۽ خدمتن جي درآمد ۽ برآمد جو فطري حصو آهي. پر جڏهن ڪرنٽ اڪائونٽ جا سرپلس يا خسارا حد کان وڌيڪ وڏا ۽ ڊگهي عرصي تائين برقرار رهن، تڏهن اهي پريشاني جو سبب بڻجن ٿا.
اسان جي رپورٽ موجب، مجموعي ڪرنٽ اڪائونٽ بيلنس سان گڏ اهي بيلنس به وڌيا آهن، جن کي اسان “حد کان وڌيڪ (Excess) عدم توازن” قرار ڏيون ٿا.
اسان جي چار مرحلن واري جائزي موجب، اهڙي حد کان وڌيڪ عدم توازن ۾ سڀ کان وڏو حصو به چين ۽ آمريڪا جو آهي.
2023ع کان وٺي چين جي سرپلس ۾ واڌ جو اهم سبب سيڙپڪاري ۾ گهٽتائي رهي آهي، جيڪا پهرين رئيل اسٽيٽ ۽ هاڻي پيداوار (مينوفيڪچرنگ) ۽ انفراسٽرڪچر جي شعبن ۾ به ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي.
ان کان علاوه، سماجي تحفظ جي ڪمزور نظام سبب احتياطي طور وڌيڪ بچت ڪرڻ جو رجحان پڻ چين جي وڏي سرپلس جو هڪ اهم سبب آهي.
آمريڪا ۾، وڏي ڪرنٽ اڪائونٽ خساري جو بنيادي سبب گهٽ قومي بچت ۽ حڪومت جو وڏو مالي خسارو آهي.
وڌندڙ خطرا
ڊگهي عرصي تائين برقرار رهندڙ اهڙا عدم توازن شايد فوري بحران پيدا نه ڪن، پر اهي وسيلن جي غيرمؤثر ورڇ، مالي نظام جي ڪمزورين ۽ مستقبل ۾ اوچتي معاشي بحرانن جي خطري جي نشاندهي ڪن ٿا، خاص طور انهن ملڪن لاءِ، جن تي ٻاهرين قرضن جو بار وڌيڪ آهي.
ان کان علاوه، وڏا ۽ مستقل ڪرنٽ اڪائونٽ عدم توازن عالمي معاشي ترقي ۾ اڻبرابري، ملڪن جي وچ ۾ ناڪاري اثرن، واپاري ڇڪتاڻ ۽ عالمي معيشت جي ورهاست کي به وڌائي سگهن ٿا.
تاريخ ٻڌائي ٿي ته اهڙا وڏا عدم توازن اوچتو ختم ٿي سگهن ٿا، جنهن جا نتيجا سرمائي جي واپسي، اثاثن جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ معاشي واڌ ۾ سستي جي صورت ۾ نڪري سگهن ٿا، ۽ انهن جا وڏا اثر نه رڳو لاڳاپيل ملڪن، پر سڄي دنيا تي پوندا آهن.
ان جو حل ڇا آهي؟
اڄ جي وڌندڙ عالمي عدم توازن ۽ ان سان لاڳاپيل خطرن جو بهترين حل اهو آهي ته دنيا جون وڏيون معيشتون گڏيل طور قدم کڻن.
جيڪڏهن آمريڪا، چين ۽ يورو زون هڪ ٻئي جي مددگار معاشي پاليسيون اختيار ڪن، ته عالمي عدم توازن گهٽجي سگهي ٿو ۽ عالمي اقتصادي ترقي کي هٿي ملي سگهي ٿي.
سرپلس رکندڙ ملڪن ۾ گهريلو طلب ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ سان انهن ملڪن ۾ واڌ برقرار رهي سگهندي، جڏهن ته خساري وارا ملڪ مالي سڌارن ۽ وڌيڪ بچت ذريعي پنهنجو توازن بهتر بڻائي سگهندا.
پر جيڪڏهن اهڙي عالمي هم آهنگي ممڪن نه به هجي، تڏهن به هر ملڪ جي پنهنجي مفاد ۾ آهي ته هو پنهنجي اندروني معاشي عدم توازن کي گهٽائڻ لاءِ قدم کڻي، ڀلي اهو اڪيلي سر ئي ڇو نه هجي.
جيڪڏهن هڪ ملڪ اڪيلي سر به سڌارا آڻي، ته اهو عالمي عدم توازن کي ڪجهه حد تائين گهٽائي سگهي ٿو، پر ساڳئي وقت ٻين ملڪن ۾ اندروني عدم توازن وڌي سگهي ٿو، جنهن سبب انهن لاءِ به مناسب قدم کڻڻ ضروري ٿي پوندو.
ساڳئي وقت، اهڙيون هڪ طرفيون معاشي تبديليون مالي منڊين لاءِ خطرو به بڻجي سگهن ٿيون ۽ معاشي واڌ ۽ مهانگائي تي ناڪاري اثر وجهي سگهن ٿيون.
جيڪڏهن موجوده رجحان جاري رهيو ۽ دنيا جون وڏيون معيشتون پنهنجون پاليسيون تبديل نه ڪنديون، ته عالمي معاشي عدم توازن وڌيڪ وڌي سگهي ٿو.
جيتوڻيڪ ويجهي مستقبل ۾ معاشي واڌ برقرار رهي، تڏهن به اندروني ڪمزوريون آهستي آهستي وڌنديون رهنديون، جيڪي مستقبل ۾ هڪ تمام وڏو ۽ وڌيڪ نقصانڪار معاشي بحران پيدا ڪري سگهن ٿيون.

پهنجو تبصرو موڪليو