اسلام آباد)رپورٽ اياز مهر) وفاقي حڪومت ۽ صدر آصف علي زرداري ۾ ججن جي مقرري بابت اختلاف تيز ٿي ويا آهن. حڪومت صدر کان ناراض آهي، ڇاڪاڻتہ هن 4 هاءِ ڪورٽن لاءِ 19 اضافي ججن جي مقرري بابت موڪليل سمري جي منظوري اڃا تائين ناهي ڏني.
چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهيءَ ۾ جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان (JCP) 20 ۽ 21 جولاءِ تي ٿيل پنهنجن اجلاسَن دوران لاهور، سنڌ، بلوچستان ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽن لاءِ 19 اضافي ججن جي نامزدگين جي منظوري ڏني هئي.
نَوَ ڏينهن گذرڻ باوجود صدر اڃا تائين ججن جي مقرري واري سمري جي منظوري ناهي ڏني.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي (PPP) جي قيادت جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان کان ناراض آهي، ڇاڪاڻتہ ڪميشن هاءِ ڪورٽن جي ججن لاءِ پيپلز پارٽي جي تجويز ڪيل اميدوارن تي غور نه ڪيو.
JCP جي عدالتي ميمبرن اڳ ئي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچن جي ڪارڪردگي بابت اتفاق راءِ ظاهر ڪئي آهي، جڏهن ته انهن بينچن جي ججن کي نتيجا ڏيڻ لاءِ ٽي مهينا ڏنا ويا آهن.
اهڙيءَ طرح عدالتي ميمبرن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اضافي جج سيد فياض الحسن شاهه جي مستقل مقرري جي به مخالفت ڪئي، جنهن کي پيپلز پارٽي لاءِ هڪ ٻيو ڌڪ قرار ڏنو پيو وڃي.
پيپلز پارٽي جي قيادت خاص طور تي پنهنجي ٻن اميدوارن کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جج مقرر ڪرائڻ ۾ دلچسپي رکندي هئي، پر ڪميشن جي نه عدالتي ۽ نه ئي انتظامي ميمبرن انهن جي حمايت ڪئي، ڇاڪاڻتہ ٻئي اميدوار 45 سالن کان گهٽ عمر جا هئا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته انتظاميا ۽ عدليه ٻنهي جي راءِ هئي ته 45 سالن کان گهٽ عمر واري ڪنهن به اميدوار جي منظوري نه ڏني ويندي.
پيپلز پارٽي جي سينيئر قانوندان ۽ JCP جي ميمبر سينيٽر فاروق ايڇ نائيڪ مجموعي طور 33 اميدوارن جا نالا تجويز ڪيا هئا، جن مان 16 سنڌ هاءِ ڪورٽ، 10 لاهور هاءِ ڪورٽ، 5 بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۽ 2 اسلام آباد هاءِ ڪورٽ لاءِ هئا.
ڪميشن جي هڪ ميمبر موجب، جيڪڏهن پيپلز پارٽي پنهنجي ٻن پسنديده اميدوارن تي زور نه ڀري ها ته شايد اندروني سنڌ سان تعلق رکندڙ ٻين اهڙن اميدوارن کي، جيڪي پارٽي سان ويجها سمجهيا ويندا آهن، مقرر ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ها.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جهڙي طرح گذريل سال پيپلز پارٽي ڪيترين ئي هاءِ ڪورٽن، خاص طور تي سنڌ هاءِ ڪورٽ، پشاور هاءِ ڪورٽ ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ عدالتي مقررين تي اثرانداز ٿيڻ ۾ ڪامياب رهي هئي، هن ڀيري کين ٽف ٽائيم مليو آهي.
27هين آئيني ترميم کانپوءِ جسٽس ڪي ڪي آغا کي نئين قائم ڪيل وفاقي آئيني عدالت ۾ مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي هڪ ٻئي جج کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ منتقل ڪيو ويو.










