منشيات برآمدگي ڪيس، جوابدار خلاف اي اين ايف جي درخواست رد

منشيات برآمدگي ڪيس، جوابدار خلاف اي اين ايف جي درخواست رد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ): سپريم ڪورٽ آف پاڪستان 265 گرام چرس برآمدگي واري مقدمي ۾ جوابدار نديم عرف چينو جي ضمانت منسوخ ڪرڻ بابت دائر ڪيل درخواست کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو آهي. ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس نعيم اختر افغان جي سربراهي ۾ قائم ٻن رڪني بينچ ڪئي. ٻڌڻي دوران معزز جج اينٽي نارڪوٽڪس فورس (ANF) جي ڪارڪردگي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ريمارڪس ڏنا ته ”صرف 265 گرام چرس آهي، آخر ڇا ڪريون؟،معزز عدالت سوال اٿاريو ته هن وقت تائين ڪيس جو ٽرائل مڪمل ڇو ناهي ٿي سگهيو؟ جڏهن ته اي اين ايف جي مقدمي ۾ عام طور تي رڳو ٽي کان چار شاهد ئي هوندا آهن، پر ان جي باوجود سندن شاهديون سالن تائين مڪمل ناهن ٿينديون. سپريم ڪورٽ هدايت ڪئي ته ٽرائل کي فوري طور تي ڪورٽ مان مڪمل ڪرايو وڃي ۽ مضبوط شواهدن جي بنياد تي ڊوهارين کي سزائون ڏياريون وڃن. ٻڌڻي دوران جسٽس نعيم اختر افغان وڌيڪ اهم ريمارڪس ڏيندي چيو ته جڏهن لڳايل الزام معمولي نوعيت جو هجي ۽ جاچ ادارا توڙي عدالتون ٽرائل وقت سر مڪمل نه ڪري سگهن، ته پوءِ اهڙي صورتحال ۾ عدالتن وٽ جوابدارن کي ضمانت ڏيڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي بچندو. عدالت جو چوڻ هو ته قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ ادارن جو ڪم آهي. ان کانپوءِ عدالت عظمٰي پاران جوابدار جي ضمانت منسوخ ڪرڻ واري سرڪاري درخواست کي هميشه لاءِ رد ڪري ڇڏيو ويو، جنهن کانپوءِ عدالتي حلقن ۾ منشيات جي ننڍن ڪيسن بابت هڪ نئون بحث شروع ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو