صدر زرداري، قبيلي، خاندان ۽ شادي جو تاريخي پسمنظر

صدر زرداري، قبيلي، خاندان ۽ شادي جو تاريخي پسمنظر

ليکڪ: ذوالفقار علي قادري
26 جولا۽ 1955ع – آصف علي زرداري جو جنم ڏينهن آهي ۽ اڄ هو 71 ورهين جو ٿي ويو. زرداري قبيلي لاءِ مختلف روايتون آھن ڪي هنن کي بلوچن جي بليدي قبيلي شاخ چون ٿا ۽ ڪجهہ تاريخ دان کين سماٽن جي جتن جي شاخ سان جوڙين ٿا . سندن جو پيشو زراعت ۽ اٺ پالڻ ھو.
زردارين جو جد امجد مرڪو زرداري هو جنهن جو پٽ مير زرداري ٿيو ۽ مير زرداري جي اولاد مان بلاول عرف بالو فقير ٿيو جيڪو ميان غلام شاهہ ڪلهوڙي جي ميان وال تحريڪ ۾ شامل هو.ٖ
اصل ۾ زرداري ڪلهوڙن جا مريد ھئا ، هي قبيلو ڪاڇي دادو مان لڏ پلاڻ ڪري نوابشاهہ ۽ نوشهروفيروز طرف منتقل ٿيو، پر اڃا بہ دادو ضلعي ۾ زردارين جا ڪافي ڳوٺ آھن.
بالو فقير زرداري جي اولاد مان زرداري قبيلي جون مختلف شاخون ٿيون انهن مان هڪ شاخ مان ڳوٺ فتوهل زرداري جو سجاول زرداري هو. سجاول زرداري جي پٽ حسين زرداري جي پهرين گهرواري پنهنجي زرداري قبيلي جي خاتون هئي کيس پهرين زال مان عبدالله زرداري ۽ ٻي زال سلطانہ بيگم مان حاڪم علي زرداري سميت ٻہ پٽ ۽ ٽي نياڻيون ٿيا . حسين زرداري جي ٻين شادي جو قصو هن ريت آھي تہ سنڌ جي گادي واري شهر نيرون ڪوٽ جيڪو اڳتي هلي مير ٽالپرن جي حاڪميت وارن ڏينهن ۾ حيدرآباد جي نالي سان مشهور ٿيو، اتي موجوده راڻي باغ واري زمين هندو زميندار سهارام خوبچند ليلا رام وارن جي هئي جنهن کي واڌو واھ جو پاڻي آباد ڪندو هو.
ليلارام ڀيرو مل پنهنجي والد سهارام خوبچند ليلارام جي ياد ۾ هڪ چبوترو راڻي باغ جي وچ ۾ ٺهرايو هو، جتي ماضيءَ ۾ هڪ هوٽل هوندو هو. هينئر راڻي باغ جي اها مکيه جڳهه آهي، جتي جهولا لڳايا ۽ پارڪ ٺاهيو ويو آهي. حيدرآباد جي واڌو واه کوٽرائڻ واري ديوان واڌو مل جهامن داس پنهنجي ڌيءُ گوپيءَ جي ياد ۾ هڪ تلاءُ ٺهرايو هو. پاڪستان ٺهڻ بعد هتي چڙيا گهر ٺاهيو ويو. انگريزن جي دور ۾ انهي راڻي باغ جي نگراني ڪندڙ حيدرآباد ميونسپل ڪميٽي جو ملازم غلام حسين افغاني زيارتن جي ارادي سان پيرين پنڌ عراق هليو ويو ۽ پويان پنهنجي پهرين زال بچان ڪمانگر کي حيدرآباد ڇڏي ويو. عراق پهچڻ تي عراق ۾ بصري واري جنگ هلي رهي هئي . ان دوران هو عراقي فوج ۾ ڀرتي ٿي ويو . غلام حسين افغاني اتي هڪ خوبصورت عراقي خاتون سلطانہ بيگم سان شادي پڻ ڪري ورتي. بصري جي جنگ ختم ٿيڻ بعد برصغير تي برٽش راڄ ۾ غلام حسين افغاني پنهنجي گهر واري سلطانہ بيگم سميت پنهنجي پنجن سالن جي پٽ قاسم افغاني سميت حيدرآباد واپس فقير جي پڙ واري گهر موٽي آيو. ڪجهہ عرصي بعد غلام حسين افغاني بيماري سبب جنگشاهي ريلوي اسٽيشن تي لاڏاڻو ڪري ويو. غلام حسين افغاني جي طبعي لاڏاڻي کان پوءِ اها عراقي خاتون سلطانہ بيگم بيوه ٿي وئي ۽ حيدرآباد جي آفندين وٽ رهڻ لڳي.
عدت گذارڻ جي ڪجهہ عرصي بعد نواب شاھہ جي ڳوٺ فتوهل زرداري جو زميندار حاجي حسين زرداري حيدرآباد ۾ آفندين وٽ گهمڻ آيو تہ آفندين وٽ سندس نظر سلطانہ بيگم تي پئي جيڪا نوجوان ۽ خوبصورت هئڻ سان گڏ لکيل پڙھيل پڻ ھئي، حاجي حسين زرداري بيوه سلطانہ بيگم کي ڏسي سندس مٿان موهت ٿي پيو ۽ آخر آفندين معرفت ٻي شادي سلطانہ بيگم سان ڪيائين.
حاجي حسين زرداري کي سلطانہ بيگم مان حاڪم علي زرداري سميت ٽن نياڻين جو اولاد ٿيو، سندس وڏي نياڻي ارباب خاتون جي شادي پاڪستان ٽيلي ويزن جي اڳوڻي سينئر پروڊيوسر منظور قريشي جي چاچي ۽ اڳوڻي ايگريڪلچر آفيسر مرحوم محمد علي قريشي سان ٿي، سندس ٻي نياڻي خورشيد بيگم نواب شاھہ جي سيدن ۾ پرڻائي وئي جڏهن تہ سندس آخري ننڍي نياڻي خانزادي جي شادي وڪيل غلام حسين قريشي سان ٿي وئي.
ملڪيت جي ورهاست دوران حاجي حسين زرداري جي پٽن حاڪم علي زرداري ۽ عبدالله زرداري کي تہ حصو مليو پر سلطانہ بيگم جي اڳ ڄائي پٽ قاسم افغاني کي ڪجهہ بہ نہ مليو. قاسم افغاني هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ ٽائيپسٽ جي نوڪري ملڻ بعد شادي ڪئي ۽ کيس حميده، رشيده ۽ فهميده نالي 3 نياڻيون ڄايون. رشيده تہ ملڪ جي نالي واري فوٽوگرافر طور اڳيان آئي جڏهن تہ فهميده جي شادي رٽائرڊ سيشن جج شاهنواز اعواڻ جي ڀاءُ نظام الدين اعواڻ سان ٿي. جيڪو سابق اسٽيشن ڊائريڪٽر ريڊيو پاڪستان خيرپور مرحوم ارشاد علي اعواڻ جو مائٽ هو.
9 ڊسمبر 1930ع تي ڳوٺ فتوهل زرداري ۾ جنم وٺندڙ حاڪم علي زرداري جي پهرين شادي سنڌ مدرسته الاسلام جي باني ۽ علمي ادبي ۽ تعليم دان حسن علي آفندي جي ڏوهٽي، مير رسول بخش ٽالپر جي سالي، سنڌ جي مشهور شاعر مظفر حسين جوش جي مائٽياڻي بلقيس سلطانہ سان ٿي ٖ آفندي اصل ۾ سعيد آباد جا ميمڻ آخوند آھن ٖ حسن علي آخوند ترڪي جي سلطان کي مدد واسطي چندو ڏنو تہ ترڪي جي سلطان حسن علي آخوند کي “آفندي“ جو لقب ڏنو، جنهن جو مطلب آھي “معزز يا معتبر“ بس پوءِ حسن علي آخوند “آفندي“ جي نالي سان مشهوري ماڻي. حسن علي آفندي جو هڪ پوٽو حسين علي ميمڻ جيل کاتي ۾ ڊپٽي سپرنٽنڊنٽ هو سندس جي شادي مرزا فيملي جي نياڻي ميمونہ بيگم سان ٿيل هئي ٖ جيل عملدار حسين علي ميمڻ ۽ ميمونہ بيگم جي هڪ نياڻي جو نالو بلقيس سلطانہ هو .
بلقيس سلطانہ ۽ رئيس حاڪم علي زرداري جو نڪاح ٖ شادي ۽ رخصتي سينٽرل جيل حيدرآباد جي احاطي ۾ واقع سرڪاري رهائش گاه تان ٿي ڇو تہ بلقيس سلطانہ جي والد حسين علي ميمڻ جي پوسٽنگ انهن ڏينهن ۾ حيدرآباد سينٽرل جيل تي هئي ٖ رئيس حاڪم علي زرداري کي بيگم بلقيس سلطانہ مان چار ٻار پيدا ٿيا .
سڀ کان پهرين نومبر 1951ع ۾ نياڻي فوزيہ زرداري جو جنم ٿيو جنهن جي شادي “ايوب خان ڪابينہ جي وزير ڪرنل افضل خان جي فرزند اقبال حبيب سان ٿي، جيڪو بزنس مين آھي جنهن مان فوزيہ زرداري کي ٻہ نياڻيون آھن”.ٖ ان بعد 21 فيبروري 1953ع تي نياڻي عذرا جو جنم ٿيو،ٖ عذرا ڊو ميڊيڪل ڪاليج ڪراچي مان ايم بي بي ايس ڪئي سندس شادي اڳوڻي بيورو ڪريٽ ۽ سابق سيڪريٽري تعليم فضل الله پيچوهو سان ٿيل آھي ۽ هن وقت صحت جي سنڌ ۾ وزير آهي.
ان بعد 26 جولا۽ 1955ع تي پٽ آصف علي زرداري جو جنم ٿيو، آخر ۾ 26 اپريل 1958ع تي فريال جو جنم ٿيو ٖ فريال جي شادي مير علي بخش ٽالپر جي فرزند مير منور ٽالپر سان ٿي، فريال ٽالپر کي ٻہ ٻار پٽ مير سرور ٽالپر ۽ ڌيءُ عائشہ ٿيا سندس اڪيلي پٽ مير سرور ٽالپر خودڪشي ڪري ڇڏي باقي کيس نياڻين فاطمہ ۽ تانيا جو اولاد آھي ان کان علاوه هڪ عائشہ نالي جهول ورتل نياڻي بہ آھي جنهن جي شادي ٿي وئي آھي.
بلقيس سلطانہ جي ڀينرن جون شاديون ميمڻ ۽ ٽالپر خاندان ۾ ٿيل آھن، ان حوالي سان ڊاڪٽر سهيل ٖ ڊاڪٽر شعيب مير ۽ ڊاڪٽر واصف علي آصف علي زرداريءَ جا ماسات ٿين ۽ گڏو گڏ مير رسول بخش ٽالپر جي گهرواري پڻ آصف علي زرداري جي والده بلقيس سلطانہ جي ڪزن آھي. ان حوالي سان مير رفيق ٽالپر ۽ آصف علي زرداري پاڻ ۾ پري جا ماسات بہ ٿين.
جڏھن تہ مرحومہ بلقيس سلطانہ پنهنجي بمبينو سينيما جي مينيجر سيد مظفر جي پٽ اويس مظفر عرف ٽپي کي بہ پٽن جيان پاليو تڏھن اويس مظفر ٽپي پاڻ کي آصف علي زرداري جو ڀاءُ ڪوٺرائيندو هو. آصف علي زرداري جي سڳي امڙ بيگم بلقيس سلطانہ 13 نومبر 2002ع تي لاڏاڻو ڪري وئي، کيس نوابشاه لڳ اباڻي قبرستان “بالو جا قبا“ ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
26 جولاءِ 1955ع تي رئيس حاڪم علي زرداي جي گهر جنم وٺندڙ آصف علي زرداري لا۽ ڪنهن کي ڪو وهم گمان بہ نہ هو تہ هي جنم وٺندڙ ٻار هڪ ڏينهن ذوالفقار علي ڀٽو جي پارٽي جو بي تاج بادشاه بڻجي ويندو. رئيس حاڪم علي زرداري کي هڪ ئي پٽ جو اولاد ٿيو سو بہ ننڍي هوندي کان ئي ڏنگو هو، سندس شرارتن جون دانهون اوڙي پاڙي وارن سان گڏ اسڪول جا استاد بہ ڪندا هئا .
ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ پڙھڻ دوران ڪاليج جي ايڊمنسٽريشن بلاڪ تي هل هنگامون ڪري ڊسيپلين ٽوڙڻ جي سزا طور ڪيڊٽ ڪاليج، پيٽارو جي پرنسپال ايس ايس عظيم پاران تاريخ 6 اپريل 1972ع تي هڪ ليٽر نمبر CDT /5940/72 جاري ڪري ڪاليج جي چئن شاگردن ڪيڊٽ وحيدالدين، ڪيڊٽ زرار حيدر، ڪيڊٽ محمد نسيم ۽ ڪيڊٽ آصف علي بلوچ (زرداري) تي ڪاليج ۾ داخلي تي پابندي مڙھي ڇڏي هئي . اهڙي نوٽيس ملڻ بعد رئيس حاڪم علي زرداري پنهنجو اثر رسوخ ۽ آئنده اھڙي حرڪت نہ ڪرڻ جي لکت ڏيڻ تي پنهنجي سڪيلڌي پٽ جي ڪاليج ۾ ٻيهر انٽري بحال ڪرائي. انٽر کان پو۽ بزنس ايڊمنسٽريشن ۾ ڊپلوما ڪيائين.ٖ وري هڪ وقت اهڙو بہ آيو جڏھن آصف علي زرداري جو اڪثر وقت سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ان وقت جي ڏنگن ۽ ارڏن ڪامريڊن کان علاوه ايل ايم سي ڄامشورو ۾ پڙھندڙ ذوالفقار مرزا جي سنگت ۾ گذرندو هو.
وري ڪو اهڙو دور بہ آيو جو آصف علي زرداري جو اڪثر وقت حيدرآباد ۾ اولڊ ڪيمپس ۽ گل سينٽر درميان بمبينو سينيما لڳ واقع مصطفئ ميمڻ جي شو روم تي گذرندو هو. بعد ۾ مصطفئ ميمڻ سندس فرنٽ مين ۽ بزنس پارٽر به رهيو پو۽ اڳتي هلي آصف علي زرداري مصطفئ ميمڻ جي بزنس، پراپرٽي ۽ پيٽرول پمپن تي قبضو ڪري سندس مٿان ڪئين ڪيس داخل ڪرايا، مصطفئ ميمڻ جان بچائي ملڪ کان ڀڄي ويو ۽ آخر دبئي ۾ دانهون ڪندو گذاري ويو.ٖ رئيس حاڪم علي زرداري پنهنجي سڪيلڌي پٽ جي سرگرمين بابت فڪرمند هوندو هو ڊسمبر 1982ع جي اها سرد ۽ جهڙالي شام اڄ بہ گهڻن زردارين کان ناهي وسري جڏھن موري لڳ واقع زردارين جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ سيٺ مولا بخش زرداري جي اوطاق تي رئيس حاڪم علي زرداري پنهنجي اڪيلي سڪيلڌي پٽ آصف سان گڏ راڄ وارن سان ملڻ آيو هو.
رئيس سلام زرداري ٖ ڳوٺن جي نيڪ مردن جو رئيس حاڪم علي زرداري ۽ آصف سان تعارف پئي ڪرايو ٖ ڊاڪٽر لائق زرداري ٖ رئيس غلام رسول زرداري ٖ حاجي ارباب زرداري ۽ ٻيا ان ڪچهري ۾ موجود هئا. اتي حاجي ارباب زرداري ٖ آصف علي زرداري کي چيو تہ رئيس جو اڪيلو ۽ موڀي پٽ آھين ، ڪا پيڙھي پيدا ڪرڻ لاءِ هاڻي کڻي شادي ڪر. تنهن تي آصف زرداري ٖ حاجي ارباب کي چيو هو تہ “مون کي ڪو سڱ ئي نہ ٿو ڏئي تہ شادي ڪيئن ڪيان!“
ان ڳالهہ تي سڀني کان ٽھڪ نڪري ويا ان بعد ماني لڳي تہ حاجي ارباب زرداري ساڳي ڳالهہ رئيس حاڪم علي زرداري کي چئي تہ “رئيس تون پيءُ آھينس ٖ هاڻي هن جي کڻي شادي ڪراءِ“ تنهن تي رئيس حاڪم علي زرداري ٖ حاجي ارباب زرداري کي ورندي ڏني هئي تہ “پاڻ جوان مڙس آهي ، جڏھن چوندو شادي ڪرائيندو مانس ٖ زوري تہ شادي ڪونہ ڪرائيندس .
ذوالفقار علي ڀٽو ۽ رئيس حاڪم علي زرداري جي دوستي انهن ڏينهن کان شروع ٿي جڏھن ذوالفقار علي ڀٽو ولايت مان بار ايٽ لا ڪري موٽيو هو تہ ايس ايم لا ڪاليج ڪراچي ۾ ليڪچراري سان گڏ ان وقت جي مشھور قانوندان ۽ وڪيل ڏنگو مل رامچنداڻي جي لا فرم کي جوائن ڪيو هئائين.
ذوالفقار علي ڀٽو ۽ حاڪم علي زرداري جي پهرين ملاقات رئيس غلام مصطفيٰ جتوئي معرفت رام چنداڻي جي آفيس ۾ ٿي هئي جتي رئيس حاڪم علي زرداري ڪراچي جي ڪجهہ متنازعہ پلاٽن ۽ جائداد جي ڪيسن جي حوالي سان آيو هو.
اها واقفيت دوستي ۾ تبديل ٿي وئي ٖ ڪراچي ۾ سينيمائن حوالي سان پهرين سينيما 1947ع ۾ نشاط ۽ جوبلي سينيما جڙيون. ان بعد “اسٽار سينيما“ سابق بندر روڊ موجوده ايم اي جناح روڊ تي جڙي جتي هاڻي “الله والا مارڪيٽ“ ۽ “موبائل مارڪيٽ“ آھي.
سٺ واري ڏھاڪي ۾ شيخ ڪاشف علي بمبينو سينيما جو بنياد رکيو جيڪا اڃا تعمير جي مرحلن ۾ ھئي تہ بمبينو سينيما رئيس حاڪم علي زرداري خريد ڪئي ٖ حاڪم علي زرداري سنڌ جي انهن وڏيرن مان هو جنهن ان زماني ۾ شو بزنس ۾ سيڙپڪاري ڪئي ۽ مانڊوي والا پڪچرز وارن سان گڏ فلم پيشڪار ۽ نمائش ڪار جو بزنس “بمبينو چيمبرز“ ۾ شروع ڪيائين. ڪراچي جي صدر واري علائقي ۾ ريگل چوڪ وٽ واقع قائم مشهور جاڙين سينيمائن بمبينو ۽ اسڪالا جو مالڪ بڻيو ھو، رئيس حاڪم علي زرداري انهن سينيمائن جو مالڪ ڪيئن بڻيو اهو بہ هڪ وڏو دلچسپ قصو آهي.
رئيس حاڪم علي زرداري فلم لائين ۾ هڪ پيشڪار، نمائش ڪار ۽ تقسيم ڪار طور مشھوري ماڻي هالي ووڊ ٖ بالي ووڊ ۽ لالي ووڊ جي هر نئين فلم جي نمائش ڪراچي ۾ سندس ئي سينيمائن ۾ ٿيندي هئي. نورجهان ٖ شميم آرا ٖ مسرت نذير سميت ان وقت جون مشهور شو بزنس جون شخصيتون سندس مهمان هونديون هيون، حسين چهرن ۽ وڏن ماڻھن جي ميزباني سندس ڪمزوري هوندي هئي.
اهو ئي سبب هو جو رئيس حاڪم علي زرداري ٖ ذوالفقار علي ڀٽو جي دوستي جو فائدو وٺندي بمبينو سينيما جو افتتاح صدر ايوب خان کان ڪرايو. هالي ووڊ جي ٻن عالمي ايوارڊ يافتہ فلمن “لارنس آف عربيہ“ ۽ “قلوپطرہ“ جي پاڪستان ۾ سڀ کان پهرين نمائش بہ حاڪم علي زرداري جي بمبينو سينيما ۾ ٿي هئي.
حاڪم علي زرداري جي پهرين گهر واري مرحومہ بلقيس سلطانہ جي ويجهي مائٽياڻي ملڪہ سلطانہ آفندي پنهنجي فلم “منزل دور نهين“ پوء ان جو نالو “سالگرہ” رکيو ويو ھو ، ٺاهي هئي تہ ان ۾ وحيد مراد جي بچپن جو رول آصف علي زرداري ادا ڪيو هو. ان فلم جو هدايتڪار زاهد علي خان هو ۽ اها فلم “نبيلہ“ بينر هيٺ 14 فيبروري 1969ع تي ڪراچي جي “پلازه“ سينيما ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي وئي هئي.
ان فلم ۾ چائلڊ اداڪار آصف علي زرداري ٖ وحيد مراد ٖ شميم آرا ،صوفيہ بانو ٖ سجاد ٖ حنيف ٖ روزينہ ۽ ٻين ڪم ڪيو پر اها فلم ناڪام وئي ۽ جڏھن حاڪم علي زرداري بمبينو سينيما ۾ هالي ووڊ جي مشھور فلم “زواگو ياملي“ جي نمائش ڪئي تہ ذوالفقار علي ڀٽو جي لا۽ هڪ مخصوص اسپيشل شو رکيو ويو جنهن ۾ صرف ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي شريڪ حيات بيگم نصرت ڀٽو ۽ ستن ورهين جي نياڻي بينظير جنهن کي پيار منجهان پنڪي بہ چوندا هئا ۽ پنجن ورهين جي پٽ مير مرتضيٰ سميت شريڪ ٿيو هو.
ان وقت رئيس حاڪم علي زرداري جي پنجن ورهين جي پٽ آصف علي زرداري جي تصور ۾ بہ نہ هيو تہ جن مهمانن کي فلم ڏيکارڻ لا۽ سندس پيءُ حاڪم علي زرداري ڪيتري عرصي کان جتن پئي ڪيا ۽ انهن جي آمد تي سندس والد خوشي ۾ نہ پئي ماپيو ٖ اُنهيءَ خاص مهمانن جي ستن ورهين جي نياڻي بينظير هڪ ڏينهن سندس شريڪ حيات بڻجي ويندي.
ذوالفقار علي ڀٽو جڏھن پاڪستان پيپلز پارٽي جوڙي تہ تڏھن نوابشاه ضلعي جنهن ۾ ان وقت نوشھرو فيروز بہ شامل هو رئيس غلام مصطفئ جتوئي تہ پي پي پي ۾ شامل ٿي چڪو هو پر نوابشاه ۾ وڏيرن جي مقامي تضادن سبب نوابشاه جي پراڻي جتوئي – سيد سياسي تڪرار سبب نوابشاه جا سيد پي پي پي ۾ شامل نہ ٿيا.
1970ع وارين چونڊن ۾ نوشھرو تعلقو نوابشاه ضلع ۾ شامل هو ۽ نوابشاه نوشھرو جون قومي اسمبلي ۾ ٽوٽل ٻہ سيٽون هيون. ذوالفقار علي ڀٽي موري ۽ نوشھري واري تڪ اين اي 113 تان قومي اسمبلي جي ٽڪيٽ غلام مصطفئ جتوئي کي ڏني. جتوئي صاحب سان ان تڪ تي سيد ظفر علي شاه بيٺو. غلام مصطفئ جتوئي 87597 ووٽ کڻي اليڪشن کٽي ويو جڏھن تہ سيد ظفر علي شاه 55166 ووٽ کڻي هارجي ويو.ٖ
نوابشاه جي تڪ اين اي 112 تان ذوالفقار علي ڀٽو غلام مصطفئ جتوئي جي سفارش تي سيدن جي مقابلي ۾ رئيس حاڪم علي زرداري کي پ پ پ ٽڪيٽ ڏني ۽ رئيس حاڪم علي زرداري پ پ پ جي ٽڪيٽ تي 63845 ووٽ کڻي چونڊن ۾ کٽي ايم اين اي بڻجي ويو، جڏھن تہ سندس مقابلي ۾ سيد شبير احمد شاه، موجوده ڊپٽي اسپيڪر غلام مصطفيٰ شاهه جو والد 52215 ووٽ کڻي هارائجي ويو.
مشرقي پاڪستان جي الڳ ٿيڻ ۽ بنگلاديش جي قيام بعد 20 ڊسمبر 1971ع تي جنرل يحيٰ خان اقتدار ذوالفقار علي ڀٽو حوالي ڪيو، اڳتي هلي 1973ع جو آئين سڀني پارليماني پارٽين متفق طور منظور ڪيو هو پر جڏھن آئين واري دستاويز تي صحيح ڪرڻ وارو مسئلو ٿيو تہ قومي اسمبلي جي ڪافي ميمبرن 1973ع جي آئين تي صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪيو. ان وقت جن ايم اين ايز 1973ع جي آئين تي صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪيو انهن ۾ 1 – مير علي احمد ٽالپر ( مير حيدر ٽالپر ۽ مير محمد علي ٽالپر جو والد) 2 – عبدالحميد خان جتوئي ( لياقت علي جتوئي جو پيءُ ) 3 – مير علي بخش ٽالپر (مير منور ٽالپر جو پيءُ ۽ فريال ٽالپر جو سهرو ) 4 – نواب خير بخش مري 5 – ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ 6 – بيگم جينيفر موسي 7 – ميان محمود علي قصوري آف قصور 8 – مخدوم نور محمد هاشمي آف رحيم يار خان 10 – ميان نظام الدين آف بهاولپور 11 – ارباب سڪندر خليل شامل هئا . عبدالحميد خان جتوئي ٖ مير علي احمد ٽالپر ٖ حاڪم علي زرداري ۽ مير علي بخش ٽالپر پ پ ايم اين اي هوندي، بلوچ سردارن سان سهڪاري هيا. قادر بخش نظاماڻي روپوش هيو. ڀٽو سرڪار پاسپورٽ آفيس کي هدايتون جاري ڪيون تہ قادر بخش نظاماڻي کي پاسپورٽ جاري نه ڪيو وڃي پر ايم اين اي حاڪم علي زرداري پنهنجي ليٽر پيڊ تي هن کي پاسپورٽ اشو ڪرائي لنڊن روانو ڪرايو هيو. جيڪا ڳاله پوءِ ظاهر ٿيڻ تي ذوالفقار علي ڀٽو مٿس ناراض ٿيو هو. اهڙي طرح مير منور ٽالپر جي پيءُ ايم اين اي مير علي بخش ٽالپر کي گرفتار ڪيو ويو تہ رئيس حاڪم علي زرداري لنڊن نڪري ويو. حاڪم علي زرداري جو ملڪ ڇڏڻ جو هڪ ٻيو وڏو سبب ذوالفقار علي ڀٽي دور ۾ سندن ٽنڊي ڄام لڳ فارم هائوس تي رات جو فيڊرل سيڪيورٽي فورس FSF پاران ڪيل چڙھائي بہ هو. ٻنهي طرفن کان فائرنگ جي ڏي وٺ ڏينهن ٿيڻ تائين جاري رهي. ڏينهن ٿيڻ تي FSF وارا واپس هليا ويا. انوقت فارم هائوس ۾ حاڪم علي زرداري ۽ مير علي بخش ٽالپر ٻنهي خاندانن جا ڪيئي ڀاتي بہ موجود هئا.
13 فيبروري 1973ع تي ذوالفقار علي ڀٽو بلوچستان ۾ نيپ جي گورنر غوث بخش بزنجو ۽ وزيراعلئ عطاءالله مينگل سرڪار کي برطرف ڪري گورنر راڄ لاڳو ڪري نيپ تي پابندي لڳائي بلوچ پختون اڳواڻن ولي خان ٖ سردار عطا الله مينگل ٖنواب خير بخش مري ٖ مير غوث بخش بزنجو ۽ ٻين کي جيلن ۾ وڌو جنهن تان بلوچن بغاوت ڪئي ۽ نتيجي ۾ بلوچستان آپريشن شروع ڪيو ويو.
سنڌ مان عبدالحميد جتوئي ٖ مير علي بخش ٽالپر ٖ مير علي احمد ٽالپر ٖ مير رسول بخش ٽالپر ٖرئيس حاڪم علي زرداري ذوالفقار علي ڀٽو سان اختلاف ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ کين ڀٽو سرڪار ۾ جيل ۽ روپوشيون سهڻيون پيون. ذوالفقار علي ڀٽو آخر رئيس حاڪم علي زرداري کي پارٽي مان خارج ڪري ڇڏيو ۽ مارچ 1977ع تي ٿيل چونڊن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو پارٽي ٽڪيٽ رئيس حاڪم علي زرداري بجاء نوابشاه جي سيدن مان سيد نور احمد شاهہ کي ڏني.
ملڪ ۾ مارشل لا هڻي ذوالفقار علي ڀٽو جي سرڪار ختم ڪئي ۽ حيدرآباد ٽريبونل ختم ڪري ولي خان ٖ نواب خير بخش مري ٖ سردار عطاءالله مينگل ٖ مير غوث بخش بزنجو ٖ مير گل خان نصير ٖ مير شير محمد مري عرف جنرل شيروف سميت حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ قيد سمورا پختون ۽ بلوچ اڳواڻ آزاد ڪيا تہ پو۽ حاڪم علي زرداري بہ پاڪستان موٽي آيو ۽ بيگم نسيم ولي خان ۽ مير شيرباز مزاري جي پارٽي اين ڊي پي ۾ شامل ٿيو.
ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي بعد 1979ع ۾ جنرل ضياء جڏھن بلدياتي چونڊون ڪرايون تہ آصف علي زرداري ٖ الاهي بخش ڏاهري وارن سان گڏجي نوابشاه مان بلدياتي اليڪشن ۾ حصو ورتو پر نوابشاه جي سيدن هٿان آصف علي زرداري ڪاونسلر جي سيٽ تان بہ هارائي ويو. ان بعد اڳتي هلي جنرل ضياء 1985ع ۾ غير جماعتي چونڊون ڪرايون ان اليڪشن ۾ پ پ بائڪاٽ جو اعلان ڪيو هو. مرحوم رئيس حاڪم علي زرداري نوابشاه جي تڪ اين اي 160 تان فارم ڀريو جڏھن تہ سندس مقابلي ۾ سيد اصغر علي شاه فارم ڀريو هو، جڏھن تہ آصف علي زرداري صوبائي اسمبلي جي تڪ پي ايس 22 نوابشاه تان فارم ڀريو. سندس مقابلي ۾ سيد نواز علي شاه فارم ڀريو هو جڏھن تہ سيد شوڪت حسين شاه پي ايس 23 نوابشاه تان فارم ڀريو ٖ 1985ع جي ان غير جماعتي اليڪشن ۾ نوابشاه جي تڪ اين اي 160 تان سيد اصغر علي شاه 34140 ووٽ کڻي اليڪشن کٽي ويو جڏھن تہ ڊاڪٽر محمد عمر ڏاهري 26239 ووٽ کڻي ٻيون نمبر ۽ مرحوم رئيس حاڪم علي زرداري 15305 ووٽ کڻي ٽيون نمبر آيو ۽ هارائي ويو.
جڏھن ته صوبائي اسمبلي تڪ پي ايس 22 نوابشاه تي سيد نواز علي شاه 22150 ووٽ کڻي کٽيو سندس مقابلي ۾ فيض احمد صديقي 16529 ووٽ کنيا جڏھن ته ووٽن حوالي سان ان تڪ تان آصف علي زرداري جي پوزيشن اٺون نمبر آئي 53 ووٽ کنيائين ۽ سندس ضمانت ضبط ٿي وئي جڏھن ته سيد شوڪت شاه پي ايس 23 نوابشاه تان کٽي صوبائي اسمبلي جو ميمبر بڻيو.
وري فريال ٽالپر صاحبہ جو ور مير منور ٽالپر جنرل ضياء جي مجلس شورئ جو ميمبر بڻيو هو ٖ رئيس حاڪم علي زرداري ڪافي عرصو خان ولي خان ٖ رسول بخش پليجو ۽ فاضل راهو سان عوامي نيشنل پارٽي ۾ بہ گڏ رهيو ۽ پارٽي جي مرڪزي نائب صدر جي عهدي تي فائز رهيو.
اچو تہ هاڻي تقدير جي فيصلن تي نظر وجهون. رئيس حاڪم علي زرداري جي ڪراچي ڪلب ۾ زيڊ اي بخاري جي نياڻي ڊاڪٽر زرين بخاري تي پئي. ڊاڪٽر زرين بخاري ڊگهي قد ڪاٺ سان حسين جميل خاتون هئي ۽ لنڊن جي يونيورسٽي مان انگلش لٽريچر ۾ سندس پي ايڇ ڊي ٿيل هئي. رئيس حاڪم علي زرداري سندس مٿان موهت ٿي پيو اها ويجهڙائپ آخر رشتي ۾ تبديل ٿي وئي ۽ 1984ع ۾ ڊاڪٽر زرين بخاري جي عمر 44 سال ۽ رئيس حاڪم علي زرداري جي عمر 54 سال هئي تہ ٻنهي شادي ڪري ڇڏي.
ڊاڪٽر زرين بخاري پنهنجي اليٽ ڪلاس طبقي ۾ “ٽمي بخاري“ جي نالي سان مشھور هوندي هئي ڊاڪٽر زرين بخاري رئيس حاڪم علي زرداري سان شادي بعد ٽمي بخاري بجا۽ ٽمي زرداري سڏجڻ لڳي ٖ رئيس حاڪم علي زرداري زرين بخاري کي پيار منجهان “ٽمان“ يا “بيگم صاحبہ“ ۽ فيملي جا ٻيا فرد کيس “ ٽي ٽي امي “ بہ ڪوٺيندا هئا. حاڪم علي زرداري کي ٽمي زرداري مان ڪو بہ اولاد نہ ٿيو. بينظير ڀٽو صاحبہ جي رشتي جو آغاز بہ هيئن ٿيو جو هڪ ڏينهن ذوالفقار علي ڀٽو جي سڳي ننڍي ڀيڻ منورالاسلام جنهن کي ڀٽو فيملي جا اڪثر ٻار پيار منجهان “آنٽي منا“ چوندا ھئا ٖ منورالاسلام جي هڪ ڊنر تي ڪراچي ڪلب ۾ رئيس حاڪم علي زرداري ۽ ڊاڪٽر زرين زرداري سان ملاقات ٿي. ڪچهري ڪندي منور الاسلام پنهنجي ڀائيٽي بينظير ڀٽو جي شادي بابت ڳڻتي جو اظھار ڪيو تنهن تي رئيس حاڪم علي زرداري فورن آنٽي منا کي چيو مون کي بہ پنهنجي پٽ آصف جي رشتي جي بہ ڳڻتي آھي پو۽ اسين رشتي لا۽ حاضر آھيون، تنهن تي آنٽي منا کيس چيو ان سلسلي ۾ مان پنهنجي ڀاڄائي بيگم نصرت ڀٽو سان ڳالهائيندس ۽ پو۽ ڊاڪٽر زرين بخاري مسلسل آنٽي منا سان رابطي ۾ رهڻ لڳي.
جنرل ضياء جي دور ۾ ڀٽو خاندان وڏن المين مان گذريو ٖ هو ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي ٖ مير مرتضئ ڀٽو ۽ شاهنواز ڀٽو جي جلاوطني وري ٻنهي پٽن جي زندگي کي “الذوالفقار“ جي سرگرمين سبب جنرل ضياء جي ايجنٽن کان جان کي لاحق خطرن ٖ مٿان قيد بند ، نظربندين جي صعوبتن بيگم نصرت ڀٽو کي نهوڙي وڌو ھو ، هڪ زال ۽ ماءٗ جي حيثيت ۾ ھن گهڻو ڪجهہ ڀوڳيو وري بينظير ۽ صنم جي صورت ۾ جوان ڌيئرن جو فڪر مٿان وري انهن ڏينهن ۾ شاهنواز ڀٽو جي فرانس ۾ پراسرار شھادت جهڙن صدمن بيگم نصرت ڀٽو کي ڦڦڙن جي بيماري جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو.
صدمن مٿان صدمن سبب بيگم نصرت ڀٽو پنهنجي ٻن نياڻين بينظير صاحبہ ۽ صنم ڀٽو جي شادين بابت ڏاڍي فڪرمند رهندي هئي ٖ بيگم نصرت ڀٽو پنهنجي ننڍي نياڻي صنم ڀٽو جي شادي آفتاب شعبان ميراڻي جي ڀاڻيجي ناصر حسين سومرو سان ڪرائي ڇڏي ٖ صنم ڀٽو کي ناصر حسين سومرو مان ٻہ ٻار نياڻي آزادي ۽ شاهہ مير ٿيا ٖ اڳتي هلي صنم ڀٽو ۽ ناصر حسين سومرو ۾ اختلاف ٿيا ۽ ٻنهي ۾ طلاق ٿي وئي. صنم ڀٽو هاڻي ويجهڙ ۾ آمريڪا ۾ رهندڙ چانڊيو ذات جي سابق بيورو ڪريٽ حسن چانڊيو سان شادي ڪئي آھي.
بيگم نصرت ڀٽو کي بينظير صاحبہ جي شادي جو تمام گهڻو فڪر رهندو هو ۽ ٻيو سندس خواهش ھئي تہ بينظير ڀٽو جي شادي ڪنهن سنڌي خاندان ۾ ٿئي ان لاءِ بينظير ڀٽو صاحبہ جي رشتي جون پهريون ڳالهيون سابق ڪمشنر سکر ڊويزن ۽ وفاقي سيڪريٽري رهندڙ سيد محب الله شاه جي ننڍي ڀاءُ ڪسٽم آفيسر سيد شجاع شاه سان طئي ٿيون. معاملو آخري مرحلي ۾ مڱڻي جي رسمن ٖ منڊي پارائڻ دعا ۽ پڌري تائين وڃي پهتو هو تہ ٿيندڙ گهوٽ شجاع شاهه جنرل ضياء کي درخواست موڪلي ته “منهنجيون بينظير سان رشتي جون ڳالهيون هلي رهيون آهن جيڪڏهن اوهان اجازت ڏيو ته مان اهڙي شادي ڪريان”. شجاع شاه جي اهڙي درخواست تي جنرل ضيا نوٽ لکي موڪليو تہ “Approved” ۽ جڏهن اها خبر بينظير ڀٽو کي پئي تہ صفا سخت ڪاوڙجي وئي ۽ چيائين ته “جيڪو ماڻھو مون سان شادي جي اجازت منهنجي پيءُ جي قاتل کان وٺي مان اهڙي مرد سان هر گز شادي نه ڪندس” ، وري شجاع شاه کي ڪن حلقن ڊپ ڏنو تہ بينظير ڀٽو سان رشتي جي صورت ۾ جنرل ضياء جي انتقامي ڪاروائي لا۽ تيار رهجو سو شجاع شاهہ ٻڏ تر ۽ ڊپ ۾ اهڙي غلطي ڪري جنرل ضياء کان شادي جو اجازت نامون گهريو ان معاملي کان پو۽ بيگم نصرت ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جڏھن ڀٽو شجاع شاه جي فيملي کي رشتي کان اهو چئي انڪار ڪيو تہ جيڪو ماڻھو هاڻي ئي جنرل ضياء کان خوفزده آھي اڳتي هلي ڪجهہ بہ ڪري سگهي ٿو سو اسين رشتو تہ ڪنداسين.
ان صورتحال جو رئيس حاڪم علي زرداري جهڙي هوشيار ماڻھو ڀرپور فائدو ورتو ٖ رئيس حاڪم علي زرداري پنهنجي ننڍي گهر واري ڊاڪٽر زرين بخاري عرف “ٽمي زرداري“ کي چئي ڇڏيو تہ اوهان منورالاسلام ۽ بيگم نصرت ڀٽو سان رشتي جي معاملي ۾ مسلسل رابطي ۾ رهو ڊاڪٽر زرين زرداري پو۽ ڀٽي صاحب جي سڳي ڀيڻ “منور الاسلام عرف آنٽي منا“ سان آصف ۽ بينظير صاحبہ جي رشتي حوالي سان مسلسل رابطي ۾ رهي آخر منورالاسلام پنهنجي بيمار ڀاڄائي بيگم نصرت ڀٽو تي زور ڀريندي رهي تہ ڀاءٗ ذوالفقار علي ڀٽو شھيد ٿي ويو ٖ شاهنواز شھيد ٿي ويو تون پاڻ ڦڦڙن جي موضي مرض سبب بيماري جي بستري تي آھين پنهنجي اکين سان پنهنجي نياڻي جون خوشيون ڏسي وڃ ٖ بينظير ڀٽو سان جڏھن سندس شادي جو ذڪر ڪيو ويو تہ هن پهرين شادي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ٖ بينظير ڀٽو صاحبہ پنهنجي جڳ مشھور آتم ڪهاڻي ڪتاب “ ڊاٽر آف ايسٽ “ “دختر مشرق “ ۾ پڻ لکيو آھي تہ جڏهن امڙ ۽ پڦي مون سان شادي جو ذڪر ڇيڙيو تہ مون بنهہ انڪار ڪري ڇڏيو وري مون کي پري کان آصف ڏيکاريو ويو مون کي هن ۾ ڪا بہ متاثر ڪندڙ اهڙي ڳالهہ نظر نہ آئي جيڪا منهنجي ذهن کي آصف سان شادي ڪرڻ طرف مائل ڪري سگهي ٖ ٻئي طرف منهنجي پڦي منهنجي ماءٗ کي ايترو مجبور ڪيو جو مون کي پنهنجي ماءٗ جي لڙڪن آڏو هٿيار ڦٽا ڪرڻا پيا ۽ مون شادي لا۽ ها ڪري ڇڏي.
اهڙي طرح 27 جولاءِ 1987ع لنڊن ۾ صنم ڀٽو جي فليٽ تي بينظير ڀٽو صاحبہ ۽ آصف علي زرداري جو مڱڻو ٿي گذريو جنهن ۾ ٻنهي خاندانن جي فردن شرڪت ڪئي دنيا ۾ ماٽيلي ماءٗ جي روين بابت ڪئين قصا ڪهاڻيون مشهور آهن پر الله پاڪ سڀني کي ڊاڪٽر زرين ٽمي زرداري جهڙيون ماٽيليون مائرون ڏئي جنهن آصف علي زرداري جهڙي بگڙيل وڏيرڪي نوجوان کي بينظير جهڙي عالمي پائي جي زيرڪ سياستدان سان رشتو جوڙائي ڇڏيو. اهو پنجن سالن جو آصف علي زرداري جنهن پنهنجي پيءُ جي بمبينو سينيما ۾ صرف ڀٽي جي فيملي لا۽ ٿيندڙ انگريزي فلم “ زواگو ياملي “ جي شو دوران ستن ورهين جي پنڪي کي حسرت مان ڏسندو ئي رهيو هو پو۽ وقت جي ستم ظريفي چئجي يا تاريخ جو جبر چئجي جو 18 ڊسمبر 1987ع تي ڪراچي جي ڪڪري گراؤنڊ ميدان تي آصف علي زرداري ۽ بينظير ڀٽو جي شادي ٿي گذري پوءِ ٿوري عرصي بعد 17 آگسٽ 1988ع تي جنرل ضياء بہ هڪ فضائي حادثي ۾ مارجي ويو.
اسٽيبلشمنٽ عام اليڪشن ڪرائي غلام مصطفيٰ جتوئي ٻن تڪن تان بيٺو اين اي 158 تان سيد ظفر علي شاه 71850 ووٽ کڻي کٽيو ۽ غلام مصطفئ جتوئي 30490 ووٽ کڻي هارايو جڏھن تہ مورو واري تڪ اين اي 159 تان حاجي رحمت الله بيهڻ 46143 ووٽ کڻي کٽيو ۽ غلام مصطفئ جتوئي 31110 ووٽ کڻي هارائي ويو. اهڙي طرح غلام مصطفئ جتوئي ٻنهي سيٽن تان حاجي رحمت الله بهڻ ۽ سيد ظفر علي شاه کان هارايو، جڏھن تہ نوابشاه واري قومي اسمبلي جي تڪ اين اي 160 تان حاڪم علي زرداري 35591 ووٽ کڻي کٽيو ۽ جڏھن تہ سندس مقابلي ۾ سيد نور احمد شاه 18522 ووٽ کڻي هارائي ويو اهڙي طرح رئيس حاڪم علي زرداري 1988ع ۾ اليڪشن کٽي وزيراعظم بينظير ڀٽو جي پهرين دور حڪومت ۾ پبلڪ اڪاؤنٽس ڪميٽي جو چيئرمين چونڊيو.
محض ارڙھن مهينن جي حڪومت بعد صدر اسحاق خان 6 آگسٽ 1990ع تي بينظير سرڪار کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ 1990ع ۾ عام چونڊون ٿيون، آصف علي زرداري قومي اسمبلي جي ٻن تڪن اين اي 160 نوابشاهہ ۽ لياري مان فارم ڀريو نوابشاهہ واري تڪ اين اي 160 تي سندس مقابلو مرتضئ جتوئي سان ٿيو .. مرتضا جتوئي 48588 ووٽ کڻي کٽي ويو جڏھن تہ آصف علي زرداري 44964ع ووٽ کڻي مرتضيٰ جتوئي هٿان هارجي ويو.
آصف علي زرداري پهريون دفعو 1990ع ۾ لياري مان 54308 ووٽ کڻي قومي اسمبلي جو ميمبر بڻيو. 1993ع جي اليڪشن ۾ نوابشاهہ جي تڪ 158 تي غلام مصطفئ جتوئي ۽ آصف علي زرداري جو مقابلو ٿيو جنهن ۾ رئيس غلام مصطفئ جتوئي 48595 ووٽ کڻي کٽي ويو جڏھن تہ آصف علي زرداري 28929 ووٽ کڻي هارايو جڏھن تہ نوابشاه جي تڪ اين اي 160 تي آصف علي زرداري 40372 ووٽ کڻي کٽيو. سندس مقابلي ۾ سيد ڪاظم حسين شاه 29026 ووٽ کڻي هارايو ٖ 1993ع ۾ مير مرتضيٰ ڀٽو جلاوطني ۾ لاڙڪاڻي جي صوبائي تڪ تان اليڪشن کٽڻ بعد جلاوطني ختم ڪري واپس وطن آيو ۽ 1993ع جي چونڊن ۾ بينظير ڀٽو صاحبہ وزيراعظم بڻي 20 سيپٽمبر 1996ع تي مير مرتضيٰ ڀٽو جي شھادت بعد جلد ئي نومبر 1996ع ۾ صدر فاروق لغاري بينظير ڀٽو سرڪار برطرف ڪري ڇڏي ۽ اليڪشن بعد نوازشريف سرڪار قائم ٿي آصف علي زرداري جيل هليو ويو ۽ بينظير جلاوطن ٿي وئي.
18 آڪٽوبر 2007ع ۾ جنرل مشرف سان آمريڪي سيڪريٽري آف اسٽيٽ ڪونڊو ليزا رائس جي ٽياڪڙي ۾ هڪ معاهدي تحت واپس وطن وري پر 27 ڊسمبر 2007ع ۾ لياقت باغ راولپنڊي ۾ هڪ بم ڌماڪي ۾ شھيد ٿي وئي سڀني ڀٽن جي مارجي وڃڻ بعد آصف علي زرداري انهيء ئي پارٽي جو بيتاج بادشاه بڻجي ويو.
سچ چيو اٿن تہ وقت وڏو بادشاه آھي ٖ بينظير ڀٽو جي شهادت بعد گذريل چوڏھن سالن کان آصف علي زرداري نہ صرف سنڌ جو بي تاج بادشاه بڻيل آھي پر ساڳئي وقت ذوالفقار علي ڀٽو جي پارٽي ۽ بينظير ڀٽو صاحبہ جي ڇڏيل مال ٖ ملڪيت ۽ سياسي وراست پيپلز پارٽي جو بغير ڪنهن شرڪت جي وارث بڻيل آھي. گڏوگڏ سندس همشيره فريال ٽالپر صاحبہ سنڌ جي ڊي فيڪٽو چيف منسٽر ۽ ڪرتا ڌرتا آھي ٖ آصف علي زرداري کي سندس چاهيندڙ سياست جو بادشاهہ قرار ڏين ٿا ٖ جڏھن تہ سندس مخالفن جو چوڻ آھي آصف علي زرداري سياست کي ميڪياولي طرز تي شاطر طور هلائي پاڪستاني سياست جي ڪرپٽ ڪلچر کي هٿي ڏني آھي. آصف علي زرداري ٻيو دفعو ملڪ جو صدر ممڪلت ۽ گذريل ڪئين سالن کان سنڌ تي مسلسل حڪمران رهندو پيو اچي پر ان باوجود هو سنڌ جي ڪنهن هڪ شهر کي بہ ماڊل شهر بڻائي نہ سگهيو آھي. آصف علي زرداري جي دؤر ۾ ڪرپشن ۽ بيڊ گورننس وڏا سوال رهيا آھن ٖ آصف علي زرداري پاڪستاني سياست جو هڪ متنازعه ڪردار رهيو آھي جنهن تي ڪئين الزام لڳندا رهيا آھن اڄ سندس جنم ڏينهن آھي. (هن مضمون ۾ ڪيل دعويٰ توڙي ڏنل معلومات ليکڪ جي پنهنجي آهي، ادارو ان لاءِ ذميوار ناهي ۽ جيڪڏهن درستگي جي مقصد سان ڪو جواب ڏيڻ چاهي ته اسين اهو موقف به شايع ڪنداسين، ادارو)

پهنجو تبصرو موڪليو