تڪراري ٽوئيٽس ڪيس: ايمان ۽ هادي جون درخواستون ٻڌڻي جوڳيون قرار

تڪراري ٽوئيٽس ڪيس: ايمان ۽ هادي جون درخواستون ٻڌڻي جوڳيون قرار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تڪراري ٽوئيٽس ڪيس ۾ ٽرائل ڪورٽ مان سزا يافته ايمان مزاري ۽ هادي علي چٽها جي سزا معطلي واريون درخواستون ٻڌڻ جوڳيون (قابلِ سماعت) قرار ڏئي ڇڏيون آهن. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد اعظم خان اڳ ئي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي پراسيڪيوشن پاران اٿاريل سمورا قانوني اعتراض رد ڪري ڇڏيا. عدالتي فيصلي موجب، پراسيڪيوشن پاران هڪ متفرق درخواست ذريعي اعتراض اٿاريو ويو هو ته ايمان مزاري ۽ هادي چٽها پاران سزا معطليءَ لاءِ داخل ڪيل درخواستون وقت کان اڳ آهن، ان ڪري کين رد ڪيو وڃي. عدالت گذريل ڏينهن ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪيو هو، جيڪو جاري ڪندي پراسيڪيوشن جي درخواست کي رد ڪيو ويو. ياد رهي ته ايڊيشنل سيشن جج محمد افضل مجوڪا جي ٽرائل ڪورٽ پاران پيڪا (PECA) ايڪٽ تحت داخل ڪيس ۾ ايمان مزاري ۽ هادي علي چٽها کي 17، 17 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي، جنهن جي خلاف ٻنهي اڳواڻن سزا معطل ڪرائڻ لاءِ هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪيو هو. عدالت درخواستون ٻڌڻ جوڳيون قرار ڏيندي ڪيس جي وڌيڪ ڪارروائي ايندڙ تاريخ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو