لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي سينيئر اداڪاره ۽ ڊائريڪٽر سنگيتا اداڪاره نعيمه بٽ بابت حيران ڪندڙ انڪشاف ڪيو آهي.تازو ئي سنگيتا هڪ انٽرويو ڏنو جنهن ۾ هن ماضي جي قصن سميت مختلف موضوعن تي گفتگو ڪئي. سينيئر اداڪاره پنهنجي فلم ‘مکو’ جي حوالي سان به ڳالهايو، جنهن دوران هن اداڪاره نعيمه بٽ جي باري ۾ حيران ڪندڙ انڪشاف ڪيو. سنگيتا چيو ته فلم ۾ نعيمه بٽ کي شروعات ۾ ڪاسٽ ڪيو ويو هو پر مان نخرجا برداشت ڪندڙ ڊائريڪٽر ناهيان، هوءَ مونکي چوندي هئي ته توهان هن کي هيرو کڻي وٺو، فلاڻو ڪم ڪري ڇڏيو، فلاڻي کي ڪاسٽ ڪريو، ان کانپوءِ مون چيو ته بي بي معاف ڪجو ۽ منهنجي ايڊوانس رقم مونکي واپس ڪريو، پوءِ نعيمه بٽ منهنجو ايڊوانس واپس ڪري ڇڏيو. سنگيتا نعيمه بٽ بابت ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته تون اڃا نئين آئي آهين ۽ مونکي انڊسٽري ۾ 50 سال ٿي ويا آهن، هوءَ مونکي مشورو ڏيندي ائين ته نٿو ٿي سگهي، ڊرامن ۾ ڪم ڪري رهي آهي اها سٺي ڳالهه آهي پر فلم ۾ تمام سٺو ڪردار هو، سندس نخرن جي ڪري مون کيس جواب ڏئي ڇڏيو، اسان پنهنجي دور ۾ نخرجا ناهن ڪيا.










