حڪومت پاران پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ

حڪومت پاران پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) حڪومت پاران پيٽروليم شين جي نين قيمتن جو اعلان ڪيو ويو آهي. پيٽروليم ڊويزن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، پيٽرول جي قيمت ۾ 4 رپيا 93 پيسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 320 رپيا 73 پيسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. هائي اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 7 رپيا 15 پيسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ڊيزل جي نئين قيمت 367 رپيا 21 پيسا في ليٽر ٿي وئي آهي. پيٽروليم ڊويزن موجب پيٽرول ۽ ڊيزل جي نئين قيمتن جو تعين اوگرا (OGRA) پاران ڪيو ويو آهي، جيڪي اڄ رات 12 بجي کان سڀاڻي رات 12 بجي تائين لاڳو رهنديون. ٻئي پاسي پيٽرول پمپ مالڪن روزاني جي بنياد تي تيل جي قيمتن جو تعين ڪرڻ واري فيصلي جي مخالفت ڪندي سڀاڻي رات 12 بجي کان پيٽرول پمپ بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو