اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينه پيٽروليم شين جي لاءِ روزاني قيمتون مقرر ڪرڻ جو نئون نظام منظور ڪري ورتو جنهن جي تحت اوگرا هاڻ پيٽرول ۽ ڊيزل جون ايڪس ڊپو قيمتون روزانه جاري ڪندو.تفصيل موجب پيٽرول ۽ ڊيزل جون نيون قيمتون گذريل 7 ڪاروباري ڏينهن جي حوالي سان عالمي قيمت موجب هونديون. پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون عالمي مارڪيٽ جي حساب سان طئي ڪيون وينديون. هاڻ قيمتن جي اعلان لاءِ وزيراعظم يا وفاقي حڪومت جي اڳواٽ منظوري جي ضرورت نه هوندي، جڏهن ته اوگرا بنا وزيراعظم يا حڪومت جي منظوري جي قيمتن جو اعلان ڪندي.اوگرا موجب گذريل ڇنڇر ۽ آچر تي اعلان ڪيل قيمتون برقرار رهنديون جڏهن ته پهرين جولاءِ 2026 کان روزاني پلاٽس ريفرنس قيمتون به ويب سائيٽ تي جاري ڪيون وينديون. جڏهن ته پيٽروليم ليوي ڪابينه جي مقرر حد کان وڌيڪ لاڳو نه ڪري سگهبي جڏهن ته پيٽروليم ليوي جي شرح فنانس ڊويزن جي منظوري سان ئي تبديل ٿيندي.مالي سال 2027 ۾ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي درآمد صرف پي ايس او جي ذريعي هوندي. جڏهن ته آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين کي مارڪيٽ جي شيئر موجب پيٽرول درآمد جي اجازت هوندي، درآمدي يا اپ لفٽمنٽ ۾ ڊيفالٽ تي 9 مهينن تائين نئين درآمدي جي اجازت نه ملندي. اهڙي طرح گاسليٽ ۽ لائٽ ڊيزل آئل جون قيمتون به روزاني مقرر ڪيون وينديون. وفاقي ڪابينه اوگرا کي هدايتون جاري ڪيون آهن ته نئين پرائسنگ ميڪانزم تي فوري عملدرآمد يقيني بنايو وڃي.










