مشڪل وقت ۾ ساٿ ڏيڻ تي پاڪستان جا ٿورائتا آهيون؛ چين

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين مشڪل وقت ۾ ساٿ ڏيڻ تي پاڪستان سميت ٻين دوست ملڪن جو شڪريو ادا ڪيو آهي. چيني دفتر خارجه جي ترجمان ڪورونا وائرس جي حوالي سان ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته دوست اهو جيڪو مصيبت ۾ ڪم اچي پاڪستان، روس، ڪوريا، بيلارس، فرانس، جرمني، ملائيشيا ۽ يونيسيف ان وائرس کي منهن ڏيڻ ۾ اسان جي مدد ڪري رهيا آهن اسان مشڪل وقت ۾ ساٿ ڏيڻ تي انهن تمام دوست ملڪن جا شڪر گذار  آهيون. واضح رهي ته چين ۾ تيزي سان وڌندڙ ڪورونا وائرس سان وڌيڪ 45 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن جنهن بعد مجموعي طور فوت ٿيندڙن جو تعداد 300 کان وڌي ويو آهي جڏهن ته 2 هزار 590 نوان ڪيس به رپورٽ ٿيا آهن جنهن سان وائرس مان متاثر ٿيندڙن جو تعداد 14 هزار 300 کان وڌيڪ آهي. چيني حڪومت وائرس کان متاثر ٿيندڙ ماڻهن جي وڏي تعداد جو تعلق هوبئي سان آهي جتان ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 1921 ڪيس سامهون آيا آهن. ٻئي طرف چين جي حڪومت ڪورونا وائرس ۾ فوت ٿيندڙ ماڻهن جون آخري رسمون ادا ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. غير ملڪي ميڊيا مطابق چين جي نيشنل هيلٿ ڪميشن گذريل ڏينهن هڪ نئون قانون جاري ڪيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڪورونا وائرس سان فوت ٿيندڙ شخص جي الوداعي يا آخري رسمون ادا نه ڪيون وينديون. اين ايڇ سي جي رپورٽ مطابق جيڪڏهن ڪورونا وائرس سان متاثر ٿيل ڪو ماڻهو مري وڃي ٿو ته ان کي جلد کان جلد دفن ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو