4 سالن جي نينگر ۾ پوليو جي تصديق، گهمڻ ڦرڻ کان لاچار

4 سالن جي نينگر ۾ پوليو جي تصديق، گهمڻ ڦرڻ کان لاچار

ٺل(عبدالنبي شيخ) ڳوٺ مير هزار سيال ۾ 4 سالن جي نينگر محمد بخش پٽ منير احمد سيال کي پوليو هجڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي. نينگر جي ساڄي ٽنگ ڦري وڃڻ جي ڪري هلڻ ڦرڻ کان پڻ معذور بڻجي ويو آهي. نينگر جي والد ٻڌايو ته نينگر کي اسان مختلف ڊاڪٽرن وٽ علاج لاءِ ڏيکاريو جنهن پوليو جو شڪ ظاهر ڪيو بعد ۾ پوليو جي ٽيم پهچي نينگر جون ٽيسٽون ڪيون جنهن ۾ ڊاڪٽرن پوليو جي تصديق ڪئي آهي. ٻئي پاسي ڊبليو ايڇ او  جيڪب آباد جو انچارج ڊاڪٽر نور احمد سومرو رابطو ڪرڻ تي تصديق ڪندي ٻڌايو ته نينگر جي پوليو جي شڪ ۾ ٽيسٽ ڪري ليبارٽري اماڻي وئي هئي جنهن جي رپورٽ جاري ڪندي پوليو جي تصديق ڪئي وئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو