نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن (اييو اين) ۾ پاڪستان جي مستقل مندوب عاصم افتخار چيو آهي ته اسرائيل جو اي ون منصوبو فلسطيني رياست جي جاگرافيائي تسلسل لاءِ سنگين خطرو آهي.سلامتي ڪائونسل ۾ خطاب ڪندي عاصم افتخار جو چوڻ هو ته سيڪريٽري جنرل جي رپورٽ موجب، والاريل فلسطيني علائقن ۾ 4 هزار 750 رهائشي يونٽن جي منظوري يا اڳڀرائي هڪ تشويشناڪ رجحان آهي. هن چيو ته اهو اي ون منصوبو ٻه-رياستي حل (Two-state solution) لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهي، جڏهن ته فلسطيني اٿارٽي جي مالي رقم جي بندش فلسطيني ادارن کي ڪمزور ۽ حڪمرانيءَ کي مفلوج ڪرڻ جي ڪوشش آهي.










