ميسي جو نئون عالمي رڪارڊ، اردن کي آسان شڪست

ميسي جو نئون عالمي رڪارڊ، اردن کي آسان شڪست

ڊيلاس(ويب ڊيسڪ)ليونل ميسي متبادل رانديگر طور ميدان ۾ اچي گول ڪيو ۽ هڪ ٻيو عالمي رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو، جڏهن ته ارجنٽينا ڊيلاس ۾ اردن کي آساني سان شڪست ڏئي ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي مسلسل ڪاميابين جو سلسلو برقرار رکيو.
گروپ جِي اڳ ۾ ئي کٽڻ سبب ميسي کي شروعاتي يارنهن رانديگرن ۾ شامل نه ڪيو ويو هو، پر کيس ميچ جي 60هين منٽ ۾ ميدان ۾ لاٿو ويو، جنهن تي اسٽيڊيم ۾ موجود شوقينن زوردار تاڙيون وڄايون.
ان کان به وڌيڪ جوش ان وقت ڏسڻ ۾ آيو، جڏهن ميسي ميچ ختم ٿيڻ کان 10 منٽ اڳ شاندار انداز ۾ فري ڪڪ تي هيٺاهين شاٽ هڻي ڊفينڊرز جي چوڌاري بال گول ۾ پهچائي ارجنٽينا جي برتري وڌائي ڇڏي.
هي گول هن ٽورنامينٽ ۾ ميسي جو ڇهون گول هو، جنهن سان هو گولڊن بوٽ جي ڊوڙ ۾ پنهنجي ويجهن حريفن کان ٻه گول اڳتي نڪري ويو. اهو سندس ورلڊ ڪپ ڪيريئر جو رڪارڊ 19هون گول پڻ هو.
ان سان گڏ ميسي ورلڊ ڪپ جي مسلسل ست ميچن ۾ گول ڪندڙ دنيا جو پهريون رانديگر پڻ بڻجي ويو.
اڳوڻي انگلينڊ جي مڊفيلڊر ڊيني مرفي بي بي سي ون سان ڳالهائيندي چيو: “واقعي حيران ڪندڙ. هو هر ميچ تي پنهنجو اثر ڇڏي ٿو. هو انتهائي ذهين، هوشيار ۽ ميدان ۾ ٿيندڙ هر ڳالهه کان باخبر هوندو آهي. سندس راند ڏسڻ واقعي هڪ خوشي آهي.”
ان کان اڳ، اڳوڻي ٽوٽنهم هاٽسپور جي مڊفيلڊر جيواني لو سيلسو وڏي تبديليءَ واري ارجنٽينا ٽيم لاءِ شاندار فري ڪڪ ذريعي بال کي مٿئين ڪنڊ ۾ موڪلي پهريون گول ڪيو.
اسٽرائيڪر لائوتارو مارٽينز، ريفري پاران وڊيو جائزي کان پوءِ ڏنل پينلٽي کي زوردار شاٽ سان هيٺئين ڪنڊ ۾ موڪلي ارجنٽينا جي برتري ٻيڻي ڪري ڇڏي. پينلٽي ان وقت ڏني وئي، جڏهنمارڪوس سينسي هيڊر هڻڻ جي ڪوشش دوران اڻڄاڻائي ۾ مٿي تي لت لڳڻ سبب فائول جو شڪار ٿيو.
ارجنٽينا جي مڪمل ڪنٽرول باوجود اردن همت نه هاري. ٻئي هاف جي شروعات کان 10 منٽ پوءِ شاندار ٽيم ورڪ ذريعي هڪ گول ڪري خسارو گهٽايو.
هن حملي جي شروعات ڪندڙ متبادل رانديگرموسيٰ التماري، احسان حداد جي بهترين پاس تي گول ڪري بال نيٽ ۾ پهچايو.
ڪجهه ئي منٽن بعد جڏهن ميسي کي آخري اڌ ڪلاڪ لاءِ ميدان ۾ آندو ويو ته سڄو اسٽيڊيم خوشيءَ ۾ گونجي اٿيو.
ميچ جي آخري مرحلي ۾ جڏهن به ميسي بال تي ڪنٽرول ڪندو هو ته تماشائين ۾ جوش جي لهر ڊوڙي ويندي هئي، ۽ آخرڪار هن هڪ ٻيو رڪارڊ ٽوڙيندڙ گول ڪري ڊيلاس اسٽيڊيم ۾ موجود مداحن کي اهو يادگار لمحو ڏئي ڇڏيو، جنهن جو هو شدت سان انتظار ڪري رهيا هئا.
هاڻي اڳتي ڇا؟
ارجنٽينا هاڻي ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ پهچي وئي آهي، جتي آخري 32 جي مرحلي ۾ ان جو مقابلو ورلڊ ڪپ ۾ پهريون ڀيرو حصو وٺندڙ ڪيپ ورڊي جي ٽيم سان ٿيندو. هن ٽيم جي گول ڪيپر جا وڏا چرچا آهن جنهن ابتدائي ميچ ۾ اسپين جا 7 يقيني گول بچائي ميچ برابر ڪري پليئر آف دي ميچ بڻيو هو.
هي ميچ جمعي، 3 جولاءِ تي آمريڪي شهر ميامي ۾ پاڪستاني وقت موجب رات 3 وڳي کيڏي ويندي. ٻئي طرف، يوراگوئي، اردن ۽ ايران جون ٽيمون ٽورنامينٽ مان ٻاهر ٿي ويون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو