ايران جي ٽيم فٽبال ورلڊ ڪپ مان ٻاهر ٿي وئي

ايران جي ٽيم فٽبال ورلڊ ڪپ مان ٻاهر ٿي وئي

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)فٽبال ورلڊ ڪپ ۾ الجزائر ۽ آسٽريا جو سنسني خيز ميچ ٽي ٽي گول تان برابر ٿي ويو، ٻئي ٽيمون گروپ ‘جي’ مان رائونڊ آف 32 ۾ پهچي چڪيون آهن ۽ ان نتيجي کانپوءِ ايران فٽبال ورلڊ ڪپ مان ٻاهر ٿي ويو آهي.الجزائر ۽ آسٽريا جي ميچ ۾ شروعاتي 60 منٽن تائين مقابلو ٻه ٻه گول تان برابر رهيو، جنهن کانپوءِ الجزائر ٻئي هاف جي انجيوري ٽائيم ۾ ٽيون گول ڪري برتري حاصل ڪئي.ميچ جي بلڪل آخري لمحن ۾ آسٽريا ٽيون گول ڪيو ۽ رائونڊ آف 32 ۾ پنهنجي جاءِ پڪي ڪري ورتي. ناڪ آئوٽ مرحلي تائين پهچڻ لاءِ ٻنهي ٽيمن مان ڪنهن هڪ جو کٽڻ ضروري هو.

پهنجو تبصرو موڪليو