ڪراڪس (ويب ڊيسڪ) وينزويلا ۾ هڪ کانپوءِ ٻئي زلزلي جي شديد جھٽڪن وڏي پيماني تي تباهي مچائي ڇڏي آهي ۽ الجزيره ۽ سي اين اين موجب 164 ماڻهو مري ويا آهن ۽ هڪ هزار جي لڳ ڀڳ ٻيا زخمي آهن. فوتگين جي اضافي جو خدشو آهي. وينزويلا جي قومي اسمبلي جي صدر چيو آهي ته 250 عمارتون تباهه ٿيون آهن يا کين نقصان پهتو آهي. الجزيره موجب ڪيترائي پهاڙي علائقا اهڙا آهن جتي ٻيڙين ۽ دريائن ذريعي پهچي سگهجي ٿو ان ڪري نقصان وڌيڪ ٿي سگهي ٿو. آمريڪي جيولوجيڪل سروي موجب، وينزويلا ۾ پهريون زلزلو 7.5 جي شدت جو هو، جيڪو 39 سيڪنڊ هليو جنهن کان ڪجهه منٽن پوءِ 7.2 شدت جو آفٽر شاڪ آيو. هڪ صدي کان به وڌيڪ عرصي بعد هي تمام تباهه ڪن زلزلو آهي. زلزلو مقامي وقت موجب شام 6 وڳي آيو جنهن سان عمارتون لڏي ويون ۽ ڪري پيون. هي زلزلو ان وقت آيو آهي جڏهن ويزويلا سخت سياسي ۽ مالي بحران مان گذري رهيو آهي. آمريڪا جي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو زلزلي تي افسوس ظاهر ڪندي وينزويلا جي مدد لاءِ امدادي ٽيمون روانيون ڪيون آهن. رپورٽ موجب، زلزلي سبب وينزويلا جي گاديءَ واري هنڌ ڪراڪس سميت مختلف شهرن ۾ ڪيتريون ئي عمارتون تباهه ٿي ويون آهن ۽ وڏي انگ ۾ ماڻهن جي ملبي هيٺان دٻجي وڃڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي. وينزويلا جي قائم مقام صدر ڊيلسي روڊريگز زلزلي کي قومي سانحو قرار ڏيندي ٻڌايو ته ڪيتريون ئي عمارتون تباهه ٿي چڪيون آهن، زلزلي سبب ڪراڪس جي مرڪزي مائيڪيٽيا ايئرپورٽ کي سخت نقصان پهتو آهي. گادي واري شهر جي مک ايئرپورٽ کي وڏو نقصان پهتو آهي جنهن کي پرڏيه جي اڄ وڃ لاءِ بند ڪيو ويو آهي. مارڪو روبيو چيو آهي ته هوائي اڏي جي بحالي جو ڪم هنگامي طور جاري آهي. . حڪومت پاران هنگامي حالت (ايمرجنسي) جي اعلان کانپوءِ وڏي پيماني تي امدادي ڪارروايون شروع ڪيون ويون آهن. ان کان علاوه آمريڪا جي رياست ڪيليفورنيا جي اترين علائقن ۾ پڻ زلزلو آيو آهي، جنهن جي شدت 5.6 رڪارڊ ڪئي وئي ۽ 10 لک ماڻهن لاءِ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي. آمريڪي جيولوجيڪل سروي وينزويلا ۾ زلزلي جي ڪري ڏهه هزار کان هڪ لک جي وچ ۾ فوتگين جو خدشو ظاهر ڪيو آهي. آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته وينزويلا ۾ زلزلي جي شروعاتي رپورٽ سٺي ناهي، وڏي انگ ۾ فوتگيون ٿيون آهن، آمريڪي ادارن کي فوري مدد جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.










